قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 2 لک 50ھزار روپين جو ڏنڊ وڌو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي ھدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو پاران تعلقي عمرڪوٽ جي مختلف بٺن جو اوچتو دورو ڪيو ويو، ان موقعي تي ساڻس گڏ مختيارڪار عمرڪوٽ اظھر علي چاچڙ، روينيو کاتي جا تپيدار، پرائيز ڪنٽرول کاتي ۽ اطلاعات کاتي جا عملدار پڻ موجود هئا، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو پاران عمرڪوٽ تعلقي جي بٺن جي مالڪن تي سرون سرڪاري ريٽ تي وڪرو نہ ڪرڻ ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪل 2 لک پنجاھ ھزار روپين جو ڏنڊ وڌو ويو ۽ ھڪ بٺي مالڪ نالي جئہ ڪمار ولد واڌو مل کي مڪمل طور تي سيل ڪري ھڪ لک روپين جو ڏنڊ پڻ وڌو ويو، جڏھن ته جن بٺي مالڪن تي ڏنڊ وڌو ويو ان ۾ رتن اوڏ، رانا راجپوت، سلطان ۽ ٻيا شامل آھن، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو چيو ته سرڪار جي رٽ کي قائم رکڻ لاءِ ئي اڄوڪي ڪاروائي ڪئي ويئي آھي تہ جيئين عوام کي رليف ملي ۽ سرڪار پاران مقرر ڪيل سرن جي سرڪاري ريٽ تي سرون ملي سگھن، جيڪو ھن وقت سرڪاري ريٽ ھڪ ھزار سرن جو 8300 روپيا آهي، ھن چيو ته سمورن بٺن جي مالڪن کي پابند بڻايو ويو آهي ته اھي پنھنجي ٻٺن تي سرون سرڪاري ريٽ تي وڪرو ڪن ۽ ان سرڪاري ريٽ جو بينر پڻ پنھنجي بٺي تي ظاھري طور تي لڳائن ۽ ان سان گڏوگڏ سرون وڪرو ڪرڻ جو پورو رڪارڊ رکن، ھن چيو ته ڪو به سرن جي بٺن جو مالڪ سرڪاري ريٽ تي سرون وڪرو نہ ڪندو يا قانون جي خلاف ورزي ڪندو تہ ان کي ٽي مھينا جيل يا ڏنڊ وصول ڪيو ويندو، ان موقعي تي ھن مختلف سرن جي بٺن جو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو ۽ سرون خريداري ڪندڙ ماڻهن کان معلومات ورتي تہ اوھان کي سرڪاري ريٽ تي سرون ملن پيون.
0 تبصرے