هي جيئڻ جو جهيڙو آهي پوءِ چون ٿا ته سنڌ ۾ پاڻي تي سياست ٿئي ٿي: ڊاڪٽر قادر مگسي

اڄڪلھ سنڌ ۾ زنده رهڻ جي جدوجهد هلي رهي آهي

هي جيئڻ جو جهيڙو آهي پوءِ چون ٿا ته سنڌ ۾ پاڻي تي سياست ٿئي ٿي: ڊاڪٽر قادر مگسي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي پارٽي عهديدارن سان گڏ سنڌو دريا تي 6 ڪينالن جي اڏاوت بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄڪلھ سنڌ ۾ زنده رهڻ جي جدوجهد هلي رهي آهي وفاق جو فرمان آهي سڀني جو گڏيل فرمان آهي ته دريا سنڌ جو پاڻي ايتري جوش سان ڇو وهي ٿو انهن کي نظر اچي ٿو ته دريا سنڌ جي جوش جو جوش ماڻهن ۾ ڇو ٿو اچي هو چون ٿا ڪراچي سمنڊ تائن هزارين ڪلو ميٽر سفر ڪري پاڻي پهچي ٿو اهو ڇو ٿو پهچي دريا سنڌ جي پاڻي کي قيد ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وئي وري اهو ٿيو ته ڪينال ٺاهيا وڃن مشرف ننهن چوٽي جو زور لڳايو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهي بکي بيوروڪريسي سياستدانن جو حصو هوندو آهي، 10 بلين ڊالرن مان حصو وٺڻ لاءِ انهن چاهيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهي ۽ هو امير ٿي وڃن پر جنرل مشرف اهو خواب پنهنجي سيني ۾ کڻي مري ويو نوازشريف چيو هو ته ايٽمي ڌماڪي کان پوءِ ٻيو ڌماڪو ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ڪندو پر ائين نه ڪري سگهيو سنڌ جي ماڻهن مذمت ڪئي ڪمون شهيد تي سنڌ ۽ پنجاب جي باڊر تي اسان سڀ قوم پرست ۽ بينظير به اتي ويهي رهيا سين بلوچستان مان به پنجاب بلوچستان جي باڊر تي ويهي احتجاج ڪيو ويو زرداري صاحب کي چيو ويو ته دريا سنڌ جو پاڻي سمنڊ ۾ زايع ٿي ويندو آهي، انهن جي ايڇ ڪيو وارن کي به اها پٽي پڙهائي وئي آهي آهسته آهسته گليشيئر ختم ٿي ويندا ان کان پوءِ پوندڙ برف تي گذارو ڪيو ويندو پاڻي جي اڻهوند آهي ڪالاباغ ڊيم نه ٺهيو، انڊيا به ڊيم ٺاهيا ويا آهن لکين ايڪڙ ڪمانڊ ايريا ٺاهيندا ته پاڻي ڪٿان ايندو هو چون ٿا ته پاڻي سنڌو دريا ۾ ڀرجي ويندو ته پوءِ پاڻي ان مان ورتو ويندو پر ان لاءِ ڪينال ٺاهيا ويا پر اهي هاڻي ريگولر ڪينال ٿي ويا آهن سمنڊ زمين کي کائي پيو، سمنڊ وڌندو وڃي پيو، اڌ گولاڙچي سمنڊ کائي ويو آهي هي جيئڻ جو جهيڙو آهي پوءِ چون ٿا ته سنڌ ۾ پاڻي تي سياست ٿئي ٿي سکن کي مذدهبي بنيادن تي پنجاب کان الڳ ڪيو ويو سنڌ جو جيئڻ تنگ ڪيو پيو وڃي، اسان ملڪ کان ٻاهر ڀڃڻ نٿا چاهيون اسان چاهيون ٿا آئين جمهوري بنياد تي رهڻ چاهيون ٿا جڏهن سي سي آئي جي منظوري ناهي ته ڪينال ڪيئن ٺهن پيا ايڪنيڪ ڇا آهي هڪ انتظامي باڊي آهي ان کي حق ناهي ته اهڙا فيصلا ڪري اسان ان خلاف ڌرڻا هنيا سڪرنڊ بائي پاس تي ڌرڻو هنيو، 8 ڊسمبر تي ڌرڻو هڻندا سين، عالمي برادري به اسان سان آهي انهن آڏو ٻڌائيندا سين ته جيئن ڏنو وڃي اسانجو پاڻي بند نه ڪيو وڃي پنجاب ۾ زمين جو مٺو پاڻي تمام گهڻو آهي ان باوجود سنڌو دريا تي نظر آهي هن سال به سنڌ کي حصي جو پاڻي ناهي مليو سنڌ حڪومت گونگي ٻوڙي آهي، اهي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ چوندا آهن ته سنڌ جو پاڻي هڪ قطرو به نه ڏينداسين صدر زرداري جو ان تي ڪو به بيان ناهي ايندو شهباز شريف جي حڪومت جون ٽي ٽنگون پيپلزپارٽي وٽ آهن پيپلزپارٽي سنجيده هجي ۽ شهباز شريف ڪيئن ڪينال ٺاهي سگهي ٿو هاڻي به هڪ ڪينال جو افتتاح ڪيو ويو آهي ٿل ڪينال ۽ ٻيو ڪينال ٺاهڻ جي ڳالھ ڪن پيا اهي لولي پاپ آهن عالمي طاقتن کي آڻي چائنا ۽ سعودي کي آڻي زمينون آباد ڪرائيندا جڏهن اضافي زمينون آباد ڪرائيندا ته پاڻي ڪٿان ايندو سنڌو دريا اسانجي شه رڳ آهي ماڻهو اڃ مري ويندا ڪراچي جا ماڻهو چوندا ته اسانجي ڪهڙي زمين آهي ته انهن کي ٻڌائيندو هلان ته انهن وٽ به ضرورتن لاءِ پاڻي نه هوندو پاڻي نه هوندو ته ڪراچي ۾ خون ريزي شروع ٿي ويندا سنڌ کي ماريندا ته پاڪستان مري ويندو، سنڌ کان بغير پاڪستان ڪيئن هلي سگهي ٿو هي جيڪي انگ اکر لکي ٻڌائين ٿا آهي ملڪ نه ٿا هلائيندا آهن هتان جا مزدور هاري ملڪ هلائن ٿا سنڌ تاس معاهدو ٺاهڻ وارا بيوروڪريٽ ڪٿي آهن اهي ته هليا ويا ٻين ملڪن ۾، جيڪي هن وقت آهن اهي به هليا ويندا پنهنجون ملڪيتون ٺاهي 8 ڊسمبر تي 12 بجي گگهر ڦاٽڪ کان ڦوارا چوڪ تائين اسانجي ريلي ٿيندي احتجاج ٿيندو ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي مان پاڻي هيٺ نه ٿو لهي، 3 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي 33 سالن ۾ ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي ته هي وڌيڪ ڇا ڪندا زمينون هموار ڪيون پيون وڃن ته جيئن دريا جو پاڻي کڻي سگهجي 176 ڪلوميٽر زمين آباد ڪئي پئي وڃي اسان گهر ۾ ويهي مري وينداسين ان کان بهتر آهي ته اڳيان اچي مري وڃون ڀلي پوءِ اسان تي گوليون هلايون وڃن اسان وينداسين ڪون پيپلزپارٽي چاهي ته شهباز شريف جي حڪومت ختم ٿي وڃي ته ڪينال ڪٿان ٺهندا، پيپلزپارٽي حڪومت سنجيده ناهي هن وقت سنڌ ۾ سجاڳي پيدا ڪئي پئي وڃي، زميندار ڪٿي آهن هن وقت جيڪا پارٽي ڪم ڪري پئي پنهنجي طور سٺو ڪم ڪري پئي ايم ڪيو ايم اسٽيبلشمينٽ ۾ هوندي آهي صبح جو هڪڙو ٻيو بيان هوندو آهي قوم پرست جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپيل هجن ها ته اسان اسيمبلين ۾ هجون ها مشرف کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان ڪنهن روڪيو، قوم پرستن ئي روڪيو آهي