شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ضلعي ايجوڪيشن سروس ڊليوري ڪميشن بابت گڏجاڻ

ضلعي اندر اسڪولن ۾ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف ڪجھ اسڪولن ۾ غير حاضر رهي ٿو: ڊي سي کي آگاهي

شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ضلعي ايجوڪيشن سروس ڊليوري ڪميشن بابت گڏجاڻ

شڪارپور (احسان جيھو ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ضلعي ايجوڪيشن سروس ڊليوري ڪميشن بابت گڏجاڻي۔تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ضلعي ايجوڪيشن سروس ڊليوري ڪميشن بابت گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي۔ ان موقعي تي چيف مانيٽرنگ آفيسر ايجوڪيشن، ڊي اِي او سيڪنڊري اسڪولس، ڊي اِي او پرائمري اسڪولس، ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن ورڪس، ٽي اِي اوز، آر ايس يو ڪوآرڊينيٽر ۽ ٻين ميل فيميل ايجوڪيشن جي آفيسرن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي سي ايم او ايجوڪيشن ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي ٻڌايو ته ضلعي اندر اسڪولن ۾ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف ڪجھ اسڪولن ۾ غير حاضر رهي ٿو۔ ان موقعي تي ڳالهائيندي آر ايس يو ڪوآرڊينيٽر ٻڌايو ته ضلعي ۾ تقريبن 400 اسڪول اهڙا آھن جن هيڊ ماسترن اڃان تائين ايس ايم سي لاءِ بئنڪن ۾ اڪائونٽ ناهن کولرايا ۽ باقي سڀني اسڪولن جا بئنڪ اڪائونٽ کليل آھن۔ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ سي ايم او کي چيو ته اوهان ڊي اِي اوز سيڪنڊري ۽ ڊي اِي اوز پرائمري سان ويهي انهن کي وارنگ جاري ڪيو، جيڪڏهن سڌرن ٿا ۽ روزانو اسڪول اچن ٿا ته ٺيڪ آھي نه ته ٻي صورت ۾ انهن جي لسٽ ٺاهي سيڪريٽري ايجوڪيشن کي ليٽر سان موڪلينداسين ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻنداسين۔ ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ سي ايم او کي چيو ته ڊي اي اوز سيڪنڊري ۽ پرائمري سان دورا ڪيو ۽ اسڪولن جي پوري پوري رپورٽ ڏيو ۽ ٻڌايو ته ضلعي اندر ڪيترا اسڪول بند پيل آھن۔ هن چيو ته اسان جي پوري پوري ڪوشش ھوندي ته بند پيل اسڪولن کي کولرايون ۽ ٻارن جي پڙهائيءَ کي يقيني بڻايون۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز کي چيو ته اسڪولن جي هيڊماسترن کي پابند ڪيو ته جيئن هو ايس ايم سي فنڊ لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کولرائن ته جيئن اهو ايس ايم سي فنڊ جائز طريقي سان استعمال ٿي سگهي۔