عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ تعليم جي واڌاري اسڪول کان ٻاھر ٻارڙن جي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ، داخلا مھم 2024 ۽ 2025 جي حوالي سان سيمينار، سياسي سماجي حلقن، استادن، شاگردن، سول سوسائيٽي جي نمائندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، تعليم جي واڌاري لاء سڀني کي گڏجي جھدوجھد ڪرڻ جو اعلان خبر موجب تعليم کاتي، ريفارم سپورٽ يونٽ ۽ سماجي تنظيم اسپائر جي گڏيل سھڪار سان اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ توڙي سال 2024-2025 جي داخلا مھم ھلائڻ جي حوالي سان عمرڪوٽ ۾ سيمينار ٿي گذريو جنھن ۾ سياسي سماجي حلقن، صحافين، وڪيلن، استادن، شاگردن توڙي سول سوسائيٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سيمينار دوران خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري چيو ته جيڪي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن، انھن سڀني کي مائل ڪري اسڪولن ۾ آڻڻ ۽ انھن جي انرولمينٽ ڪرڻ جي لاءِ ھڪ واضح حڪمت عمليءَ جوڙڻ جي ضرورت آھي ھن چيو ته سنڌ حڪومت توڙي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه پاران سنڌ ۾ بھترين استاد ڀرتي ڪري ھر ھڪ اسڪول کي بھترين ٽيچنگ فيڪلٽيون ڏنيون آھن، ھن چيو ته ھاڻي ھر علائقي جي مڪتب و فڪر توڙي والدين جو فرض ٿئي ٿو تہ اھي پنھنجي ٻارڙن کي وڌ ۾ وڌ اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ گھرجي، ھن چيو ته جيڪا استاد آھن انھن کي پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ ايمانداري سان ٻارن کي پڙهائڻ جي ضرورت آھي تہ جيئين جيڪا اسڪولن ۾ ٻارڙن جي کوٽ آھي انھن کي پورو ڪري سگھجي ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ جيڪي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن انھن کي اسڪولن ۾ آڻن لاءِ ھڪ وڏي آگاھي مھم ھلائڻ جي ضرورت آھي، ھن چيو ته دنيا جي ملڪن ۾ تعليم جي حاصلات لاءِ جيڪا ڪمينٽمينٽ آھي اھڙي طرح ئي اسان سڀني کي گڏجي طور تي ڪمينٽمينٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي، ھن وڌيڪ چيو ته تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽي جو وڏو ڪردار آھي، ھن چيو ته پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ ۽ تعليم کاتي جي سمورن اسٽيڪ هولڊر کي پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو خطاب ڪندي چيو تہ استاد ھڪ پيغمبري پيشو آھي ۽ اھي جن ٻارڙن کي سيکارڻ ٿا ۽ جيڪو ٻار پڙھي ٿو ان جو اُجورو ان استاد کي ملندو رھندو جيستائين انھن ٻارڙن کي فائدو ملندو رھندو، ھن چيو ته تعليم کي سڌارڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کان وڌيڪ ڪردار ان استاد جو آھي جيڪو بغير ڪنهن سھولت جي پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ سچائي سان ادا ڪري ٻارڙن کي پڙھائي ٿو اسان جي معاشري ۾ ڪميونٽي جو استاد تي وڌيڪ ڀروسو ھوندو آھي ۽ سمورن استادن کي رول ماڊل ٿيڻ گھرجي، ريفارم سپورٽ يونٽ جي انچارج نظر محمد چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ اسان سڀني جي اھا ذميواري آھي تہ عمرڪوٽ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اھو پيغام پھچائڻ گھرجي تہ اسڪولن کان ٻاهر ھر ان ٻار جي داخلا کي يقيني بڻائين جي ضرورت آھي جيڪي بہ ادارا آھن انھن سڀني جي گڏيل سھڪار سان اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا ڪرائي سگهجي ٿي ڊي او پرائمري عنايت الله ڪنڀر خطاب ڪندي چيو تہ اسان جي ملڪ ۾ جيڪي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن، انھن ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ جي ڪائونسلنگ ڪري اسان کي انھن ٻارڙن جي والدين کي پابند بنائڻ جي ضرورت آھي تہ اھي پنهنجي ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرائن، ھن چيو ته پوري سنڌ ۾ اسڪول کان ٻاهر 74 لک ٻار ٻاھر آھن، جڏھن ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ ھڪ لک کان مٿي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن، جيڪو تمام وڏو انگ آھي جنھن سان معاشري جو تمام وڏو نقصان آھي، اسان سڀني کي ڳوٺاڻن توڙي شھرين کي قائل ڪرڻ گھرجي تہ اھي پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن پرنسپال عمرڪوٽ بوائز ڊگري ڪاليج پروفيسر عبدالرؤف سومرو خطاب ڪندي چيو تہ تعليم تقدير جي ضمانت آھي، تعليم شعور جو نالو آھي ۽ تعليم ھر ٻار جو بنيادي حق آھي، ھن چيو ته ٻھراڙيءَ علائقن توڙي ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪرڻ جي لاءِ اسان کي جاڳرتا مھم ھلائڻ گھرجي تہ جيئن ھڪ ڇوڪري پڙھندي تہ سمجھيو ته ھڪ گھر پڙھيو آر ايس يو جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شھزاد احمد ڪنڀر چيو ته ھڪڙو استاد ھڪ لک ٻارڙن کي تعليم ڏيئي انھن جو مستقبل ۽ زندگي سنواري سگھي ٿو تعليم سڀني جي لاء ضروري آھي انھي لاء سڀ اسٽيڪ ھولڊرن کي تعليم جي حوالي سان گڏجي تعليم لاء جاکوڙ ڪرڻ گُھرجي سيمينار کي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ غلام مرتضي گوھر صالحاڻي، اڳوڻي ڊپٽي ڊي او ڪريم بخش شيخ، ميڊم نور جهان، سماجي اڳواڻ محمد بخش ڪنڀر، سماجي تنظيم سي ڊبليو ايس اي جي ميڊم ڪرن بشير ۽ ٻيڻ پڻ خطاب ڪيو سيمينار ۾ ڊپٽي ڊي او بيرم داس سوٽھڙ، پرنسپال ھاء اسڪول ون عمرڪوٽ دليپ ڪمار، سماجي تنظيم اسپائر جي محمد احمد ميان، سماجي اڳواڻن غلام مصطفي کوسو، علي اڪبر راھمون، ٽي او مرتضي سھتو، سٽي صدر پ ٽ الف گوتم سنگراسي، سول سوسائيٽي جي عبدالله کوسو، سارنگ رام سوٽھر، شيوارام سوٽهڙ، سروپچند مالھي، عيدل ڪنڀر ۽ ٻيا موجود هئا ان موقعي تي عمرڪوٽ جي مختلف اسڪولن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين تعليم کي عام ڪرڻ ۽ تعليم ھر ٻار جو بنيادي حق آھي جي حوالي سان ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ تقريرون ڪري داد حاصل ڪيو.
0 تبصرے