شام ملڪ کي ڏهن ڏينهن ۾ فتح ڪندڙ ابو محمد الجولاني جنهن کي تاريخ فاتح شام جي نالي سان لکندي، شام ملڪ ۾ اسد خاندان جيڪو مسلسل چوونجاھ سالن کان اقتدار تي قابض هو انهن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪندڙ ابو محمد الجولانيءَ بابت مختلف ڳالهيون ڪيون پيون وڃن اسين انٽرنيشنل ميڊيا ۾ سندس بابت جيڪي خبرون آهن اهي پڙهندڙن آڏو رکندا سين. ابو محمد الجولاني هڪ حيران ڪن شخصيت جي طور سامھون آهي، سندس تنظيم جو نالو هيئت تحرير الشام آهي. اقوام متحده جي رپورٽن مطابق ابو محمد الجولاني جي پيدائش 1975ع کان 1979ع جي دوران پيدا ٿيو پر انٽرپول مطابق ابو محمد الجولانيءَ جي پيدائش جو سال 1976ع ٻڌايو پيو وڃي.هن جو آمريڪي ٽيليويزن کي پراڻو انٽرويو ڏنل هو جنهن هن پنهنجو نالو احمد حسين ٻڌايو هو.هن ان انٽرويو ۾ اهو بہ ٻڌايو هو تہ کيس ابو جولاني، گولان جي پهاڙي علائقي ۾ رهائش ڪري سڏيو ويندو هو سندس ڳوٺ جو نالو جولان هو انڪري کيس جولاني سڏيو پيو وڃي. هاڻي انهن پهاڙن تي اسرائيل جو قبضو آهي،1967ع جي جنگ ۾ اسرائيل انهن پهاڙين تي قبضو ڪيو ۽ جولاني خاندان هجرت ڪري اچي دمشق ۾ رهيو. اتان سندن خاندان هجرت ڪري سعودي عرب پهچي ويو، اتي ئي ابو محمد الجولاني پيدا ٿيو، سندس والد صاحب سعوديءَ ۾ پيٽروليم انجنيئر طور پنهنجون خدمتون ڏنيون. جولاني ۽ جواني ۾ ئي سعودي عرب کي ڇڏي واپس شام ملڪ آيو. جڏهن 2003ع تي آمريڪا جڏهن عراق تي حملو ڪيو تہ ايڪيھ سالن جي ابو محمد الجولانيءَ القاعده سان گڏجي دمشق کان عراق جو رخ ڪيو. هو عراق ۾ القاعده جي سخت گير سمجهيو ويندڙ اڳواڻ ابو مصعب الزرقاوي جي گروپ ۾ شامل ٿي ويو. اتي عراق ۾ هنن جي گروپ آمريڪي فوجين ۽ انهن جي حمايت يافتہ علائقن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا هي گروپ وڏن وڏن اجتماعن يا ماڻهن جي هجوم ۾ خودڪش حملا ڪندو هو. عراق ۾ ويڙھ جي دوران ابو محمد الجولانيءَ کي 2005ع ۾ موصل مان گرفتار ڪري عراق جي مشهور زمانہ صحرائي جيل "ڪيمپ بُوڪا" ۾ موڪليو ويو. اها جيل ڪويت جي بارڊر جي ويجهو هئي انڪري اتي ابوبڪر بغدادي پڻ قيد هو. ابوبڪر بغدادي اهو شخص آهي جنهن اتان آزادي ملڻ کانپوءِ دعوت اسلامي عراق و شام يعني "داعش" تنظيم جو بنياد رکيو. انهيءَ جيل ۾ قيد دوران ابو محمد الجولانيءَ جي دوستي اهڙن قيدين سان ٿي جن اڳتي هلي عراق ۽ شام ۾ داعش کي منظم ڪيو. 2008ع ۾ جڏهن آمريڪا، عراق پاليسيءَ ۾ تبديلي آندي ۽ ڪيمپ بوڪا ۾ قيد ڪاٽيندڙ قيدين کي سٺي ورتاءَ ڪري آزاد ڪيو ويو ۽ ڪيمپ بوڪا جيل کي ختم ڪيو ويو ۽ قيدين کي آزاد ڪيو ويو انهن قيدين ۾ ابو محمد الجولاني بہ شامل ھو. ان کان پوءِ بہ جولاني مختلف جهادي تنظيمن سان گڏ ڪم ڪندو رهيو ۽ هڪ تنظيم 2016ع ۾ ٺاهي جنهنجو نالو جهد فتاح الشام رکيو هلندي هلندي ٻيا ننڍا ننڍا گروپ ان ۾ شامل ٿيا ۽ ان تنظيم جو نالو حيات التحرير الشام رکيو ويو ۽ ان تنظيم جو مقصد اسد حڪومت کي ختم ڪرڻ هو ۽ هو في الحال تہ ان مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي پر دنيا جي ٻين ملڪن ۽ اقوام متحده طرفان ان تنظيم تي پابندي آهي ۽ ڪافي ملڪن ان تنظيم کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي.
0 تبصرے