خانپور ۾ واپارين پاران وڌندڙ بدامني ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

واپاري اڳواڻن حاجي عطا محمد آرائين، سيد واجد علي شاہ، ڪفايت الله ھڪڙو، رحمت الله بروھي ۽ ٻين احتجاج ڪيو

خانپور ۾ واپارين پاران وڌندڙ بدامني ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور جي تعلقي خانپور ۾ بدامنيءَ ۽ 2 ڏينھن اڳ اناج جي واپاريءَ رحمت الله ھڪڙو کان خانپور ٿاڻي جي حد مان 10 لک روپيه ڦر ڪرڻ جي خلاف واپارين جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو، واپاري اڳواڻن حاجي عطا محمد آرائين، سيد واجد علي شاہ، ڪفايت الله ھڪڙو، رحمت الله بروھي، عبدالرشيد ٻپڙ ، عزيزاحمد بروھي، اعجاز احمد تنيو جي اڳواڻي۽ ۾ احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آھي ته خانپور ۾ بدامني جي باھ ٻريل آھي خانپور واسي نه گھرن م نه روڊ رستن تي نه ئي دڪانن تي محفوظ آھن ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آھن بدامنيءَ سبب ڪاروبا بتباھ ٿي ويا آھن 2 ڏينھن اڳ خانپور جي خانگي بئنڪ مان اناج جو واپاري رحمت الله ھڪڙو پئسا ڪڊرائي وڃي رھيو ھو ته انڊس ھاء وي روڊ تان نامعلوم ھٿياربندن ڦورو سندس کان 10 لک روپيه روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع بروقت خانپور ٿاڻي تي ڏنوسين پر پوليس ٻه ڏينھن گذرڻ جي باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري سگھي آھي بدامنيءَ سبب خانپور واسي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ڪاروبار تباھ ٿي رھيا آھن ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مطالبو آھي ته واپاريءَ کان ڦر ٿيل 10 لک روپيه واپس ڪرائي ناڪو ٽو ۽ رحيم آباد لاڙو وٽ پوليس پڪٽ ھڻائي امن بحال ڪرائي واپارين کي تحفظ فراھم ڪري ڏنو وڃي.