ٺٽي ويجهو حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص جي حالت نه سڌري، ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل

ٺٽي ويجهو حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص جي حالت نه سڌري، ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل

ٺٽو(شفيق ڀٽي) ٺٽو/جھمپير روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ علي نواز ميربحر سخت زخمي، ڪراچي اسپتال ۾ داخل، حالت سڌري نہ سگھي، صدمي ۾ سندس والد محمد يعقوب ميربحر فوت، سندن گھر ۾ ڪھرام متل، حادثو ڪندڙن زخمي جي ڪابہ پوئيواري نہ ڪئي، زخمي جي وارثن پاران انصاف جو مطالبو، تفصيل موجب 13 ڏينھن اڳ 29 نومبر تي ٺٽو/جھمپير روڊ تي ٺٽي جي رھواسي کڏائي برادري جي موٽر سائيڪل سوار ٽن ڄڻن صالح محمد کڏائي، اختر کڏائي ۽ اڪبر کڏائي پنھنجي روڊ واري سائيڊ ڇڏي پنھنجي سائيڊ تان ويندڙ درگاھ ستيون لڳ ڳوٺ خالو ميربحر جي رھواسي موٽر سائيڪل سوار پورھيت علي نواز ولد يعقوب ميربحر کي زوردار ھڻي سخت زخمي ڪري وڌو، جنھن کي پھريان سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، جتان نازڪ حالت ۾ ڪراچي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو اھي، جنھن کي دماغ ۽ ڇاتي ۾ ڌڪ لڳڻ سميت سندس ھڪ ٽنگ پڻ ٽٽي ويئي اھي، جيڪو زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي ڪراچي اسپتال ۾ پيل آھي، پر افسوس جو اڃان تائين حادثو ڪندڙ کڏائي برادري جي ماڻھن زخمي علي نواز ميربحر جي ڪا بہ پوئيواري ناھي ڪئي، جنھن جي موٽر سائيڪل پڻ مڪمل ٽٽي تباھ ٿي ويئي آھي، جيڪا پڻ ھلائڻ جي لائق ناھي رھي، جڏھن تہ زخمي علي نواز ميربحر جو پيرسن والد محمد يعقوب ميربحر پڻ 3 ڏينھن اڳ 9 ڊسمبر تي پٽ جي صدمي ۾ فوت ٿي ويو آھي، جنھن ڪري زخمي علي نواز ميربحر جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، زخمي علي نواز ميربحر جي ڀاء محمد موسيٰ ميربحر دانھيندي چيو تہ ظالمن ساڻن وڏو ظلم ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيو آھي، ھڪ طرف کڏائي برادري جي ٽن ڄڻن صالح محمد کڏائي، اختر کڏائي ۽ اڪبر کڏائي ڄاڻي واڻي سندس ڀاء کي موٽر سائيڪل ھڻي سخت زخمي ڪيو اھي، جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي پيل اھي تہ ٻئي طرف سندس والد محمد يعقوب ميربحر زخمي پٽ جي صدمي ۾ فوت ٿي ويو آھي، جنھن ڪري سندن گھر ويران ٿي ويو اھي، ھن چيو تہ وٽس ايترو پئسو ناھي جو ھو پنھنجي زخمي ڀاء جو بھتر علاج ڪرائي سگھي، جيڪو معذور بڻجي ويو آھي، ڊاڪٽرن سندس ٽنگ جو آپريش ڪري راڊون لڳائڻ جو مشورو ڏنو اھي، جنھن ۾ تمام گھڻو خرچ اچي ٿو، جيڪو برداشت ڪرڻ سندس وس جي ڳالھ ناھي، محمد موسيٰ ميربحر چيو تہ سندس ڀاء کي زخمي ڪندڙ نہ سندس کي پڇڻ آيا آھن ۽ نہ ئي ڪا علاج ۾ مدد ڪن ٿا، ھن چيو تہ سندس ڀاء کي زخمي ڪندڙ سندس پيء جي موت جا زميوار آھن، جلد انھن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويندو. ھن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي سندس گھر برباد ڪندڙ توڙي سندس ڀاء کي زخمي ڪندڙن خلاف ڪاروائي جي گھر ڪندي سندس پيء جي قتل جو پڻ ڪيس سندس ڀاء کي زخمي ڪندڙن خلاف داخل ڪرڻ جي گھر ڪندي زخمي ڀاء جي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي اھي، جيئن ان جو بھتر علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي سگھي، ھن چيو تہ سندس ڀاء کي زخمي ڪندڙن سندس ڀاء جي علاج ۾ مدد نہ ڪئي تہ ھو پاڻمرادو ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت ۾ ويندو.