سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪرڻ واري عمل تي سنڌ جو عوام خاموش نہ وھندو: پليجو

سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪرڻ واري عمل تي سنڌ جو عوام خاموش نہ وھندو: پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي ۾ پکين جو شڪار بند ڪيو وڃي. سنڌ کي معصوم پکين جي مقتل گاھ نہ بنايو وڃي. سائبيريا سميت ٻين ٿڌ وارن علائقن مان ھر سال پرديسي پکي پناھ لاءِ سنڌ اچن ٿا، انھن جي تحفظ بدران شڪار ڪرڻ نيچر سان دشمني آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق جي حوالي ڪرڻ واري عمل تي سنڌ جو عوام خاموش نہ وھندو. پيپلز پارٽي سنڌو درياھ، سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وفاق حوالي ڪري سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نہ ڪيو ويندو. ٿر مان اربين روپين جو ڪوئلو نڪتو آھي پر ٿر جي عوام جي ڪا بہ زندگي تبديل ناھي ٿي. جيڪي منصوبا سنڌ جي عوام لاءِ ناھن، سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي، روزگار ۽ مالڪي جي حقن سان مشروط ناھن، اھي قبول ناھن.