گلشن حديد ۾ باڊهه واسي نوجوان جي قتل خلاف ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي به شريڪ
ملير: گلشن حديد ۾ باڊهه واسي نوجوان جي قتل خلاف ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي به شريڪ، صنعان قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي تي پنهنجي وارثن کي بيدردي سان ڇُريون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو سراسر ظلم آهي اسان قاتلن جي گرفتاري تائين مقتول جي وارثن سان گڏ آهيون، ڌرڻي ۾ اسان جو مطالبو آهي ته قاتلن کي گرفتاري ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان زاهد ميراڻي جي وارثن جو چوڻ هو ته زمين خان نالي پٺاڻ ۽ سندس ساٿين بيگناهه اسان جي نوجوان کي ڇُرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، پوليس هن مهل تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي،
0 تبصرے