عمرڪوٽ ۾ ثقافتي سرگرميون جاري، نجي اسڪول ۾ ايڪتا تقريب

ھترين ڪاڪردگي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام ڏنا ويا

عمرڪوٽ ۾ ثقافتي سرگرميون جاري، نجي اسڪول ۾ ايڪتا تقريب

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ثقافتي سرگرميون جاري، پرائيوٽ اسڪول ۾ تقريب، زبردست مقابلا، بھترين ڪاڪردگي تي پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام ڏنا ويا، سنڌي گيتن تي جمھريون خبر موجب عمرڪوٽ ۾ ثقافتي سرگرميون جاري آھن گذريل ڏينھن نيو جرني پبلڪ سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ ۾ ثقافت جي حوالي سان تقريب ٿي گذري جنھن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ميرپورخاص جي ريجنل ڊائريڪٽر علي محمد شاهواڻي، ماڊرن پبلڪ اسڪول جي آپريٽر نندلال مالهي، اسڪول آنر موهن لال مالهي، اميت باغي، ايڇ ايم لقمان پلي، فرحان علي شاهه، سروڻ اوڏ، اجي ڪمار ڪلال، لڇمڻ سنگھ، غلام رسول، ۽ سومجي ڀيل سميت شاگردن توڙي شاگردياڻين جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي رٿيل تقريب دوران اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان سنڌ جي ثقافتي لباس ۾ ٽبيلوز، رقص، سونگ، شاعري، تقريرون ڪيون ويون ان موقعي تي آئي بي اي طرفان 2023 ۾ ستين ڪلاس کان ورتل اسسمينٽ جا رزلٽ ڪارڊ شاگردن ۾ ورھايا ويا ۽ سيشن 2024-25 جي فرسٽ ٽرم جي 58 پوزیشن هولڊر شاگردن کي ٽرافي مڊل ۽ ٻيا انعام پڻ ڏنا ويا شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سٺي پرفارمنس بهترين ڪارڪردگي کي ريجنل ڊائريڪٽر ۽ ٻين مهمانن ساراھ ڪندي شاگردن جي حوصلا افزائي پڻ ڪئي جڏھن ته تقريب دوران سنڌي گيتن جيئي منھنجي سنڌ مان ته گھوريان پنھنجي جند، جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، مٺڙي اباڻي ٻولي سميت ٻين سنڌ جي گيتن تي جمھريون لڳائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا