تقريب ۾ اسڪول جي ٻارن سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا
عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ جي هڪ نجي اسڪول ۾ سنڌي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ اسڪول جي ٻارن سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف ثقافتي پروگرام پيش ڪيا، تقريب جو مقصد سنڌي ثقافت، ٻوليءَ، ۽ روايتن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن کي ان ثقافت سان آگاهه ڪرڻ هو، تقريب جو آغاز اسڪول جي ٻارن جي رقص سان ٿيو جنهن سنڌي گيتن تي شاندار پرفارمنس پيش ڪئي، ٻارن مختلف سنڌي لباس ۾ ملبوس ٿي ڪري ثقافتي رقص پيش ڪيو جنهن کي ويٺل مھمانن وڏي پيماني تي ساراهيو ان کان علاوه، ٻارن مختلف ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا جن ۾ سنڌ جي روايتن، تهذيب، ۽ تاريخ کي موضوع بڻايو ويو، تقريب ۾ مسلم ليگ ن ضلع عمرڪوٽ جي سينئر نائب صدر سيد صفدر علي شاهه بطور مهمانِ خاص ۽ موھن لال مدعو هئا، هن تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته "سنڌي ثقافت موهن جو دڙو کان قديم آهي ۽ اسان کي فخر آهي ته اسان اهڙي تاريخي ثقافت جا وارث آهيون، سنڌي ثقافت جي فروغ لاءِ اسان کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، زندہ قومون ئي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي کي محفوظ رکن ٿيون، سنڌ جي ثقافت صديون پراڻي آهي ۽ اها تهذيب محبت، امن، ۽ شانتي جو مظهر آهي" هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ثقافت ۾ اهڙيون خوبيون آهن جيڪي نه رڳو اسان لاءِ، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ مثال آهن، اسان کي پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ ۽ ان جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي۔
0 تبصرے