نياڻيون پڙهايو، موسم تبديل ٿي وئي آهي، وڻ پوکيو ۽ چوپايو مال ڌاريو: پير پاڳارو

وڌ ۾ وڌ چوپايو مال ڌاريو ڇو ته ان مان سٺي آمدني اچي ٿي، مستقبل ۾ پاڻي جي وڌيڪ ڳوٺ ٿيندي، اوطاقن ۽ گهرن آڏو وڻ پوکيو

نياڻيون پڙهايو، موسم تبديل ٿي وئي آهي، وڻ پوکيو ۽ چوپايو مال ڌاريو: پير پاڳارو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) حر جماعت جو روحاني پيشوا فنڪشنل مسلم ليگ ۽ جي ڊي اي اڳواڻ اعلي حضرت پير سائين پاڳارو ڇور لڳ ڳوٺ شهيد فقير محمد امين مڱريو ۾ جيسلمير چونڪي جي چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو جي دعوت ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل حر جماعت ۽ عقيدتمندن کي زيارت جو شرف بخشو انهي موقعي تي روحاني خطاب ڪندي فرمايو ته الله پاڪ توهان کي خوش آباد ۽ پنهنجي حفظ ۽ ايمان ۾رکي توهان پنهنجي اولاد جي ترنيت تي خاص ڌيان ڏيو هنن کي سٺي کان سٺي تعليم ڏياريو هنن جي پرورش بهتر ڪيو اڳتي هنن جو نصيب خاص ڪري نياڻين جي تعليم جو خيال رکو اولاد جي به سٺي تربيت ڪيو ۽ هنن سان پيار محبت سان پيش آچو. جيتري ٿي سگهي اولاد تي محنت ڪيو ۽ وڌ کان وڌ اولاد کي ٽائيم ڏيو نه ته اهو دنيا جو دستور آهي جڏهن اولاد وڏو ٿيندو پوء اولاد وٽ اوهان جي لاء ٽائيم ڪونه هوندو اعلي حضرت پير سائين پاڳاري فرمايو ته پنهنجي ٻارن کي هيئر کان ئي اهو سمجهايو ته فوج اسان جي آهي اسان فوج جا آهيون فوج آهي ته اسان سڪون۽ عزت سان رهون پيا جنهن ملڪ ۾ فوج ناهي يا ڪمزور آهي ته اهي ماڻهو دربدر آهن ۽ ڌڪا پيا کائين اسان پنهنجي فوج کي ڪمزور نٿا ڏسڻ چاهيون اسان پنهنجي فوج کي مضبوط ڏسڻ ٿا چاهيون ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف فوج وڙهي پئي انشاء الله ملڪ مان دهشتگردي ختم ٿي ويندي پاڪستان کي الله تعالي شاد ۽ آباد رکي انشا الله پاڪستان قيامت تائين قائم ۽ دائم رهندو اعلي حضرت پير سائين پاڳاري وڌيڪ فرمايو ته مان اڳ ۾ چوندو پيو اچان پر ڪنهن کي ڳالھ سمجه ۾ الائي ڇو نه پئي اچي موسم تبديل ٿي ويئي آهي ڪنهن کي ڪا به خبر نٿي پوي ته ڪهڙي مهيني ۾ ڪهڙو فصل پوکجي فصل صحيح اپت نه پيا ڏين تنهڪري وڌ ۾ وڌ مال ڌاريو ڇو مال مان سٺي آمدني آچي ٿي ۽ ايندڙ وقت ۾ پاڻي جي اڃان به وڌيڪ کوٽ ٿيندي توهان پنهنجي گهرن۽ گهرن جي آسپاس ۽ اوطاقن اڳيان وڌ ۾ وڌ وڻ پوکيو جيڪو توهان توڙي ايندڙ جي ايندڙ نسل لاء فائديمند آهي اعلي حضرت پير سائين پاڳاري روحاني خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ۽ توهان پاڙي وارن جو وڌ کان وڌ خيال رکو ڪير وڏي آواز سان توهان سان ڳالهائي ٿو ته توهان برداشت ڪيو پاڙي وارن جو هر لحاظ کان خيال رکو هنن سان هميشه محبت سان پيش اچو نماز پابندي سان پڙهو صبح ۽ شام ذڪر ڪيو توهان پنهنجو ڪم ڪار ڪري واندڪائي ۾ درود ۽ صلوات جي پابندي ڪيو ۽ درود ۽ صلوات ڪسرت سان پڙهو انهي توهان کي آخرت ۾ اجر ملندو درود ۽ صلوات جو ورد درگاهه لاء دعا ڪيو خاص ڪري ملڪ لاء ۽ فوج لاء دعا ڪيو ته الله پاڪ اسان جي ملڪ پاڪستان کي تا قيامت شاد ۽ آباد رکي اعلي حضرت پير سائين پاڳارو ٿر جي مختلف علائقن ۾ ڏنل دعوتن ماجهادن چانھ پارٽين م شرڪت ڪئي جماعت ۽ عقيدتمندن کي زيارت جو شرف بخشيو ۽ دعائون گهريون ويون اعلي حضرت پير سائين پاڳارا جي روحاني دوري دوران هر طرف ڀيڄ پاڳارا جي نعرن گونج هنڌ هنڌ تي گلن جي ورکا وک وک تي آجياڻا ۽ آڌر ڀاءُ سموري علائقي ۾ جشن جھومريون مولود ڪافين ۽ ذڪر جي لولي سمورو ٿر مهڪي اٿيو اعلي حضرت پير سائين پاڳارو رات ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ ڌڻي جي ويري ۾ کاهوڙ چونڪي جي خليفو محمد رمضان راھمون ۽ فقير خميسو راھمون جي دعوت ۾ پهتا ۽ رات اتي ئي قيام ڪيائون