English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ڳوٺ گلشير جوکيو واسي پورهيتن جو احتجاجي مظاهرو
views
|
28th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ايف آءِ اي راولپنڊي پاران اسان جي ڀيڻ جي نالي نوٽيس جاري ٿيا آهن جنهن ۾ فراڊ جو الزام آهي: بخت علي جوکيو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)يونين ڪاؤنسل گل منڊا، ٺٽو جي ڳوٺ گلشير جوکيو جي رھواسي بخت علي جوکيو عوامي پريس ڪلب ٺٽو پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ڳوٺ جا رھواسي سادا سودا ماڻھو آھيون، ٻني ٻارو ڪري پنھنجو گذر سفر ڪندا آھيون. ھن ٻڌايو ته گذريل 7 نومبر 2024 ۽ 13 نومبر 2024 تي منھنجي ڀيڻ، جيڪا پڻ سادي سودي ڳوٺاڻي عورت آھي، ان جي نالي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ايف آئي اي راولپنڊي مان ٻه نوٽيس مليا آھن، جنھن ۾ چيو ويو آھي ته ڪو فنانشل فراڊ جو معاملو آھي ان ڪري نوٽيس ملڻ شرط حاضر ٿي جواب داخل ڪرايو، ٻئي صورت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.بخت علي جوکيو جو چوڻ ھو ته اسان اڻپڙهيل ۽ اڻڄاڻ ماڻھو آھيون، منھنجي ڀيڻ ڪڏھن پنھنجي ڳوٺ کان ٻاھر به نه وئي آھي ۽ ان کي موبائل استعمال ڪرڻ به نٿو اچي، پوءِ اھا ڪيئن ھيڏا وڏا فراڊ ڪري سگھي ٿي، جنھن جو ڪيس راولپنڊيءَ ۾ داخل ٿيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته نوٽيس ملڻ کانپوءِ اسان جي زندگي عذاب ٿي وئي آھي ۽ خوف سبب اسان جي ننڊون حرام ٿي ويون آھن.ھنن وڌيڪ چيو تہ ڪجھ عورتون ۽ مرد ڳوٺ ۾ آيا ھئا جن چيو تہ بي نظير جي پئسن جي سروي ھلي پئي سو ڊوائيس تي عورتن کان آڱوٺا ھڻايا، لڳي ٿو تہ انھن فراڊ ڪري اسان جي عورتن جي نالي سمون ايڪٽو ڪري پو ڪرمنل ماڻھن سان وڪرو ڪيون آھن جنھن سبب اسان جي عزتدار شريف عورتن کي ڦاسايو پيو وڃي، ھنن، ڊي جي ايف آئي اي، ايس ايس پي ٺٽو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ريجن، آءِ جي سنڌ ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي حيدرآباد ريجن سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جي شفاف جانچ ڪري، اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.۽ اسان جي عورتن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ وارين ڪوششن کان بچايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
بخت علي جوکيو
FIA
ٺٽو
0 تبصرے