English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ڳوٺ گلشير جوکيو واسي پورهيتن جو احتجاجي مظاهرو
142 views
|
28th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ايف آءِ اي راولپنڊي پاران اسان جي ڀيڻ جي نالي نوٽيس جاري ٿيا آهن جنهن ۾ فراڊ جو الزام آهي: بخت علي جوکيو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)يونين ڪاؤنسل گل منڊا، ٺٽو جي ڳوٺ گلشير جوکيو جي رھواسي بخت علي جوکيو عوامي پريس ڪلب ٺٽو پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ڳوٺ جا رھواسي سادا سودا ماڻھو آھيون، ٻني ٻارو ڪري پنھنجو گذر سفر ڪندا آھيون. ھن ٻڌايو ته گذريل 7 نومبر 2024 ۽ 13 نومبر 2024 تي منھنجي ڀيڻ، جيڪا پڻ سادي سودي ڳوٺاڻي عورت آھي، ان جي نالي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ايف آئي اي راولپنڊي مان ٻه نوٽيس مليا آھن، جنھن ۾ چيو ويو آھي ته ڪو فنانشل فراڊ جو معاملو آھي ان ڪري نوٽيس ملڻ شرط حاضر ٿي جواب داخل ڪرايو، ٻئي صورت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.بخت علي جوکيو جو چوڻ ھو ته اسان اڻپڙهيل ۽ اڻڄاڻ ماڻھو آھيون، منھنجي ڀيڻ ڪڏھن پنھنجي ڳوٺ کان ٻاھر به نه وئي آھي ۽ ان کي موبائل استعمال ڪرڻ به نٿو اچي، پوءِ اھا ڪيئن ھيڏا وڏا فراڊ ڪري سگھي ٿي، جنھن جو ڪيس راولپنڊيءَ ۾ داخل ٿيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته نوٽيس ملڻ کانپوءِ اسان جي زندگي عذاب ٿي وئي آھي ۽ خوف سبب اسان جي ننڊون حرام ٿي ويون آھن.ھنن وڌيڪ چيو تہ ڪجھ عورتون ۽ مرد ڳوٺ ۾ آيا ھئا جن چيو تہ بي نظير جي پئسن جي سروي ھلي پئي سو ڊوائيس تي عورتن کان آڱوٺا ھڻايا، لڳي ٿو تہ انھن فراڊ ڪري اسان جي عورتن جي نالي سمون ايڪٽو ڪري پو ڪرمنل ماڻھن سان وڪرو ڪيون آھن جنھن سبب اسان جي عزتدار شريف عورتن کي ڦاسايو پيو وڃي، ھنن، ڊي جي ايف آئي اي، ايس ايس پي ٺٽو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ريجن، آءِ جي سنڌ ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي حيدرآباد ريجن سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جي شفاف جانچ ڪري، اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.۽ اسان جي عورتن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ وارين ڪوششن کان بچايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بخت علي جوکيو
FIA
ٺٽو
0 تبصرے