چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪيون ٿا: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

29 نومبر تي ٽنڊوالهيار ۾ ريلي ڪڍي عوام کي ڪئنالن جي حوالي سان آگاهي ڏينداسين: جسقم اڳواڻ

چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪيون ٿا: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

اوڏيرولال (رپورٽر) جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صدارتي هائوس مان جاري ٿيل چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ فرمان کي رد ڪيون ٿا، سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڇهه ڪينال مڪمل طور سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهن، اسان انهن کي ڪينالن کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا سنڌو درياهه مان نڪرندڙ صرف هڪ ڪينال جي 176 ڪلوميٽر ڊيگهه، 300 فوٽ ويڪر، 150 فوٽ اونهائي آهي، هڪ ڪينال 48 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪندو، اهڙا ٻيا پنج ڪينال هوندا جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين کي آباد ڪندا جيڪڏهن سنڌو درياه مٿان ڇهه ڪينال ٺاهيا ويا ته سنڌ کي پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ملندو، ايستائين جو زمين جو جر به زهريلو ٿي ويندو، جنهن ڪري ماڻهن سان گڏ جانور به پاڻي ڦڙي لاءِ سڪندا، سنڌ کي بنجر بڻائڻ لاءِ سنڌو درياه مان ڇھ ڪينال ڪڍي سنڌي عوام کان جيئن جو حق کسيو پيو وڃي، ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو منظور ناهي، سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهڻ خلاف جسقم پوري سنڌ ۾ مختلف تاريخن تي احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪيو آهي، 29 نومبر تي ٽنڊوالهيار ۾ احتجاج ڪيو ويندو جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي اوڏيرولال ۾ شاهنواز شاهه جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو عوام هر صورت ۾ سنڌو درياهه مٿان ڇهن ڪينالن کي رد ڪري ٿي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪينال ڪڍڻ نه ڏنا ويندا، اوڏيرولال جي مختلف ڳوٺن حسين شاه فاضلاڻي، تاج محمد بلوچ، حاجي محمد واڍيلو، الھ بچايو شاہ پهچي عوام کي دعوت ڏني، ان موقعي تي سيد شاهنواز شاھ، باغي ڪالرو، الطاف بجاراڻي، هاشم بلوچ، سچيڏنو ساھووال ۽ ڪائونسلر مراد شهداد بلوچ به ساڻس گڏ هئا.