17هين عالمي اردو ڪانفرنس، جشن ڪراچي جي افتتاحي تقريب 5 ڊسمبر تي ٿيندي

مودي سرڪار نفرتن جي ايجنڊا آهي، هندوستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو هڪ ٻئي سان محبت ڪن ٿا:احمد شاھھ

17هين عالمي اردو ڪانفرنس، جشن ڪراچي جي افتتاحي تقريب 5 ڊسمبر تي ٿيندي

ڪراچي (رپورٽر) آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي اهتمام هيٺ 4 ڏينهن واري 17هين عالمي اردو ڪانفرنس 2024 جشن ڪراچي جي حوالي سان اهم پريس ڪانفرنس جو اهتمام حسينه معين هال ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾آرٽ ڪائونسل جو صدر محمد احمد شاهه، نالي وارو دانشور انورمقصود ۽ نالي وارو شاعر افتخار عارف نورالهدا شاهه ۽ اعجاز فاروقي بريفنگ ڏني، 17هين عالمي اردوڪارنفرن ۾ هن سال جشن ملهايو پيو وڃي،عاليم اردو ڪانفرنس،  جشن ڪراچي5 ڊسمبر 2024ع تي وائي ايم سي گرائونڊ ۾شروع ڪئي ويندي، جيڪا 8 ڊسمبر تائين جاريرهندي، ڪانفرنس ۾ 60 کان وڌيڪ سيشن رکيا  ويا آهن، جڏهن ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي 17هين سالگرهه جي موقعي تي ڪيڪ به ڪاٽيو ويندو، آرٽ ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افتخارعارف ۽ انور مقصود اردو زبان لاءِ گهڻو ڪم ڪيو، مودي سرڪار نفرتن جي ايجنڊا آهي، هندوستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو هڪ ٻئي سان محبت ڪن ٿا، اسان هڪ رياست جي طور پنهنجو وجود رکڻ چاهيون ٿا، مان صبر ڪري وٺندس ۽ ميڊيا جي ذريعي جاويد صديقي ۽ گلزار صاحب سان ڳالهه ڪندس، اسان پنهنجي هندوستان مان به اديبن کي دعوت ڏني آهي، هر شئي جا هاڪاري ۽ ناڪاري اثر ٿيندا آهن، اهڙي عالمي اردو ڪانفرنس کان پوءِ ڪي ايل ايف ۽ ٻيا فيسٽيول ۽ ڪانفرسون ٿيڻ شروع ٿي ويون، 3 سئو سالن کان لاهور اردو جو مرڪز رهيو، پر هن شهر ۾آباد ماڻهن جي هي زبان مادري نه هئي، پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ته اردو لاءِ هن جيترو ڪم ڪيو ڪنهن ناهي  ڪيو، اسان کي مڙني زبانن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو،