مورو ۾ معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي ريلي ڪڍي وئي، ٻارڙا به شريڪ

انسان جي اصل عبادت معذور ٻارڙن جي خدمت ڪرڻ آهي: پرنسيپل غلام رسول عالماڻي

مورو ۾ معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي ريلي ڪڍي وئي، ٻارڙا به شريڪ

مورو (رپورٽر) مورو ۾ 03 ڊسمبر معزورن جي عالمي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن ۽ ريهبليشن اسڪول مورو جي معزور ٻارڙن ڏينهن پڻ ملهايو ويو ان موقعي تي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران اعلانيل اسان سنڌو جا وارث آھيون جي سلسلي ۾ معذور ٻارڙن پاران ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي ملھايو. ان سلسلي ۾ اسڪول جو پرنسيپل غلام رسول عالماڻي، نظر علي عالماڻي، بشير احمد، ارشاد خطاب ڪندي چيو آهي ته انسان جي اصل عبادت معذور ٻارڙن جي خدمت ڪرڻ آهي هي ادارو اهڙن معزور ٻارڙن جيڪي ڪجھ به نه ٿا سمجهي سگهن انهن کي پڙهائي، سمجھائڻ سميت ادب جي سکيا ڏئي ٿو سرندي وارن کي گهرجي ته اهڙن اسپيشل اسڪولن جي سار سنڀال لهن ۽ اهڙن معزرو ٻارڙن جي خدمت ڪن، ۽ هي ادارو خاص طور تي معزور ٻارڙن جي پڙهائي ۽ سار سنڀال لاء‌گهر کان اسڪول تائين ٽرانسپورٽ، مجهند جو ماني جو بندوبست پڻ ڪيو آهي، اسان مورو سميت هتان جي آسپاس جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي اپيل ڪيون ٿا ته اهڙي معزور ٻارڙن جي داخلا ڪرائين ته جيئن اهي به هن معاشري ۾ جيئڻ جو حق وٺي سگهن، جڏهن ته اسڪول جا ٻارڙن سنڌي ٽوپي ۽ ثقافتي ويس وڳا پائي سنڌ ثقافت جو ڏهاڙو پڻ ملهايو.