English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي
115 views
|
01st Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ثقافتي ڏھاڙي تي اعلان ٿا ڪريون ته سنڌو درياھ تي ڪوبه لنڪ ڪئنال قبول نه ڪنداسين: اڳواڻ
عمرڪوٽ(ڊ ر) جيئي سنڌ معاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، ڊاڪٽر خوشحال ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ مذھبي رواداري، سنڌو درياھ تي ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانھون قتل خلاف ثقافتي ڏھاڙي تي تين تلوار چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويئي ۽ پريس ڪلب آڏو جيئي سنڌ معاذ پاران تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھزارين سالن کان آباد سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي رھي آھي سنڌ ڌرتي شاھ، سچل، سامي، ولين، صوفين، بزرگن، سنتن ۽ عبدالرحيم گرھوڙي جي ڌرتي رھي آھي سنڌ ڌرتي ان عظيم حستي سورھيه بادشاھ کي جنم ڏنو جنھن انگريزن جي غلامي بدران آزاد وطن يا ڪفن جو نعرو ڏنو انگريزن جي غلامي بدران شھادت قبول ڪيائين سنڌ جي ڌرتي امن ٿي چاھي امن جي ڌرتي امن ٿي چاھي اڄ سنڌي ثقافتي ڏھاڙي تي اعلان ٿا ڪريون ته سنڌو درياھ تي ڪوبه لنڪ ڪئنال قبول نه ڪنداسين ھر قسم جي مذھبي انتھا پسندي خلاف جھدوجھد ڪنداسين ھنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ان ۾ ملوث ماڻھن کي سخت سزا ڏني وڃي ان موقعي تي جيئي سنڌ معاذ جي ضلعي صدر نريش ڪمار بجير، غلام شبير ڪنڀر ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
رياض چانڊيو
نياز ڪالاڻي
0 تبصرے