ملير: رزاق آباد واسي پورهيت جو معصوم پٽ پراسرار بيماري ۾ مبتلا

8ورهين جو احمد رضا ذهني طور پراسرار بيماري ۾ مبتلا آهي: ڌڻي بخش گبول

ملير: رزاق آباد واسي پورهيت جو معصوم پٽ پراسرار بيماري ۾ مبتلا

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد واسي پورهيت جو معصوم پٽ پراسرار بيماري ۾ مبتلا، علاج تي الھ تله لڳائي ڇڏيو. منهنجي معصوم پٽ جي زندگي بچائڻ لاءسنڌ حڪومت، اين جي اوز، ۽ سرھندي وارا خدا ترس ماڻهون مدد ڪن والد ڌڻي بخش گبول جي ميڊيا ذريعي اپيل تفصيل موجب رزاق آباد جي رهائشي پورهيت ڌڻي بخش گبول پنهنجي ذهني طور تي پر اسرار بيماري ۾ مبتلا 8سالن جي معصوم پٽ احمد رضا سان عوامي پريس ڪلب ملير پهچي سنڌ حڪومت اين جي اوز ۽ سرهندي وارن خدا ترس ماڻهن کي پٽ جي علاج لاء اپيل ڪندي چيو آهي ته غريب پورهيت آهيان نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪيان ٿو مونکي الله تعالي چار اولاد عطا ڪيا آهن جنهن مان منهنجو سڀن کان ننڍڙو معصوم پٽ احمد رضا پيدائشي طور تي ذهني طور ڪمزور ۽ پراسرار بيماري ۾ مبتلا آهي علاج تي پنهنجي الھ تله خرچ ڪري چڪو آهيا پر منهنجي پٽ جي صحت ۾ ڪا بهتري ناهي آهي آئون هن وقت پنهنجي ٻچن جي ٽن وقتن جي ماني لاء به تنگ آهيان اهڙي حالت ۾ پنهنجي بيمار معصوم ٻچڙي جو علاج ڪرائڻ کان قاصر آهيان هن چيو ته سڀن کي پنهنجي اولاد پياري آھي ان لاء حڪومت سنڌ چونڊيل نمائندن.اين جي اوز سرهندي وارا منهنجي معصوم پٽ جي علاج لاء مالي مدد ڪن ته جئين پنهنجي معصوم ٻچڙي جي زندگي بچائي سگهان