سنڌو درياءَ ڪروڙين سنڌين جو جياپو آهي، نون ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا: ڊاڪٽر قادر مگسي

ايس ٽي پي پاران ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ باءِ پاس تي نون ڪئنالن خلاف ڌرڻو. ڌرڻي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ

سنڌو درياءَ ڪروڙين سنڌين جو جياپو آهي، نون ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا: ڊاڪٽر قادر مگسي

سڪرنڊ: سنڌو درياءُ تي ڇھ ڪيئنال ٺاھڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اعلانيل ڌرڻو قومي شاهراھ 21 ڌد وٽ ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ھنيو ويو ڌرڻي ۾ سوين عورتن ٻارڙن مرد ڪارڪن شرڪت ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته چيو آهي تہ سنڌ ھڪ زرعي خطو ۽ قدرتي نعمتن سان مالامال آهي پر وفاق پنھجي سازش ذريعي سنڌو درياءَ تي ڪيئنال ٺاھي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيو آھي جنھن کي ڪڏھن بہ ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين ھن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پنھجي صدارت خاطر سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي جو ذميوار آھي ھن وقت سنڌ جي سگھاري آواز جو ردعمل ڏسڻ بعد پيپلزپارٽي سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ 6 ڪيئنالن جي مخالفت ڪري رھي آھي پر موجودہ وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي ڪري قائم آهي واقعي بہ پيپلزپارٽي سنڌو درياءَ جي ڪيئنال ٺاھڻ واري منصوبي خلاف آهي تہ وفاق کان علحدگي اختيار ڪري ھن وقت پيپلزپارٽي جو پنجاب ، سرحد ، بلوچستان ، ڪي پي ڪي مان صفايو ٿيل آهي جنھن کانپوءِ پوءِ سنڌ دشمن منصوبي بعد سنڌ ماڻھو بہ رد ڪري ٿو