English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قائداعظم بين الصوبائي گيمز 2024 لاءِ سنڌ صوبي جي ٽرائلز ۾ شڪارپور جا سڀئي رانديگر سليڪٽ
268 views
|
11th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ 22 سالن کان گهٽ عمر جي ويٽ لفٽنگ ٽيم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي
شڪارپور (اسپورٽس نيوز)قائداعظم بين الصوبائي گيمز 2024 لاءِ سنڌ صوبي جي ٽرائلز ۾ شڪارپور جا سڀئي رانديگر ڪاميابي سان سليڪٽ ٿي ويا. پاڪستان جي نمايان مقابلي، قائداعظم بين الصوبائي گيمز جي تقريب ۾ ۾، 22 سالن کان گهٽ عمر جي ويٽ لفٽنگ ٽيم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. تقريب جا مهمانِ خاص: محترم عبدالعليم لاشاري صاحب (سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوتھ افيئرز گورنمينٽ آف سنڌ) ۽ اعزازي مهمان احمد علي راجپوت، سيڪريٽري سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن سنڌ هئا. ٽرائلز مقابلن جو اهتمام ڪراچي جي نسيم حميد اڪيڊمي ۾ ڪيو ويو، جتي ويٽ لفٽنگ جي اوپن ٽرائلز جو انعقاد ٿيو. شڪارپور جي ٽيم جا باصلاحيت پنج 5 نوجوان رانديگر اسرا علي سومرو، فيصل علي ڀٽو، محمد حسنين ڀٽو، مبين احمد زين ھڪڙو ۽ شير علي ھڪڙو شاندار شرڪت ڪري سنڌ ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪري قومي راند لاء سليڪٽ ٿيا. انهن سان گڏ لاڙڪاڻي ضلعي جا ٻه نوجوان رانديگر نور احمد ٽڳڙ ۽ سهيل احمد بروهي به پاڪستان جي قومي ٽيم لاءِ منتخب ٿيا. هي نوجوان رانديگر پنهنجي ضلعي ۽ سنڌ صوبي جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار آهن. شڪارپور جي تجربيڪار ٽيڪنيڪل ڪوچ، استاد عبدالوهاب ڪاغذي، پنهنجي محنت ۽ لڳن سان انهن نوجوان رانديگرن کي بهترين تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. انهن جي رهنمائي ۾، هي رانديگر قومي سطح تي نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ سنڌ لاءِ فخر بڻجڻ جي اميد رکن ٿا. سنڌ ويٽ لفٽنگ ٽرائلز ۾ ڪاميابي کانپوءِ، انهن نوجوانن جو عزم آهي ته قائداعظم بين الصوبائي گيمز ۾ پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
سنڌ صوبي
0 تبصرے