ميڊيا دنيا جي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ هڪ آزاد ۽ طاقتور ادارو سمجهيو ويندو آهي، جنهن جو بنيادي ڪردار عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ، حق ۽ انصاف لاءِ آواز اٿارڻ، سماجي اوسر ۾ مثبت تبديليون آڻڻ آهي، جڏهن ٻين ادارن جهڙوڪ پارليامينٽ ۽ عدليه، عوام جي اميدن تي پورو نٿا لهن ته ميڊيا ئي هڪ اهڙو ذريعو بڻجي ٿي، جنهن وسيلي ماڻهن کي سندن حق ملڻ جي اميد هوندي آهي. سنڌ ۾ ميڊيا جو ڪردار عوام جي آخري اُميد طور هميشه کان موجود رهيو آهي.
سنڌ ۾ ميڊيا جو شاندار ماضي:
سنڌ جي صحافت جي تاريخ روشن بابن سان ڀري پئي آهي، آزاديءَ جي جدوجهد کان وٺي سماجي انصاف لاءِ جنگ تائين، سنڌ جي صحافت سدائين مظلوم ۽ دٻايل طبقن جي آواز طور ڪم ڪندي رهي آهي. سنڌي ميڊيا حق ۽ انصاف جي تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي پنهنجي جاءِ تي مضبوط بيٺي رهي آهي، ڪيترن ئي سنڌي صحافين پنهنجي جان، مال ۽ معاشي مفادن کي نظرانداز ڪندي، حق ۽ سچ جي راهه اختيار ڪئي، جنهن جي مثال اڄ به پيش ڪئي وڃي ٿي.
موجودہ صورتحال ۽ ميڊيا کي درپيش چئلينجز:
هن وقت ميڊيا کي ڪمرشلائزيشن ۽ سياسي مداخلت جي سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ميڊيا ادارن تي مختلف اشتهاري ادارن ۽ حڪومتي دٻاءَ سبب پنهنجا بنيادي فرض ادا ڪرڻ ۾ رڪاوٽون پيش ٿي رهيون آهن، ان کان سواءِ، ڪنٽرولڊ شيئرنگ ۽ مخصوص مفادن تحت ڪم ڪرڻ واري تقاضا ميڊيا جي آزادي ۽ سچائيءَ کي متاثر ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ خاص طور تي سياسي مداخلت ۽ سو-ڪالڊ سوچن جي شموليت ميڊيا کي پنهنجي اصل مقصد ۽ ڪردار ادا ڪرڻ کان پري رکيو آهي.
ميڊيا جو مقصد ۽ منزل:
ميڊيا جو اصل مقصد آهي عوامي مسئلن کي نروار ڪرڻ، حق ۽ انصاف لاءِ بي باڪ آواز اٿارڻ، ۽ سماجي تبديليءَ کي هٿي ڏيڻ. سنڌ ۾ ميڊيا جي منزل صرف اها نه آهي ته اها خبرن کي اڪيلو پهچائي؛ بلڪه ان جو بنيادي ڪردار آهي ته اها سماج جي هر پرت جي نمائندگي ڪري، ٻه لاڳاپي مفادن کان آزاد رهي، ۽ عام ماڻهن جي مسئلن ۽ حقن جي پاسي تي بيهي.
ميڊيا هن وقت ڪٿي بيٺل آهي؟
هن وقت سنڌي ميڊيا هڪ دوراهي تي بيٺل آهي هڪ پاسي، مختلف سياسي ۽ اقتصادي دٻاءَ سبب، صحافت جي آزادي ۽ سچائيءَ کي محدود ڪيو ويو آهي، ۽ ٻئي پاسي عوام کي اعتماد آهي ته ميڊيا پنهنجي اخلاقي ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار آهي. سنڌي اخبارون ۽ صحافتي ادارا، معاشي بحرانن جي باوجود، پنهنجن اصولن تي قائم آهن ۽ عوامي اميدن تي پورا لهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
سياسي مداخلت ۽ سو-ڪالڊ سوچ جي شموليت:
سنڌ ۾ صحافت کي سياسي مداخلت، مخصوص ڌرين جي مفادن، ۽ سو-ڪالڊ سوچن جي شموليت سبب ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مختلف ڌريون پنهنجي مرضيءَ جا خيال ۽ موقف صحافت ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿيون، جنهن سبب ميڊيا جي اعتماد کي ڌڪ لڳي رهيو آهي. اها صورتحال سنڌي صحافت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اها عوامي اعتماد کي متاثر ڪندي.
حاصل مقصد سنڌ ۾ ذميوار ۽ آزاد ميڊيا جي ضرورت:
آخر ۾، اهو چوڻ ضروري آهي ته سنڌ جي ميڊيا جو اصل مقصد رڳو خبرون پهچائڻ نه آهي؛ بلڪه ان جو مقصد عوامي آواز بڻجڻ، انهن جا حق اجاگر ڪرڻ، ۽ سماجي انصاف کي برقرار رکڻ آهي. هڪ آزاد ۽ ذميوار ميڊيا ئي سنڌ ۾ مثبت تبديلي ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ضمانت ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن سنڌ جي ميڊيا پنهنجي اصولن تي قائم رهي، ته اها پوري ملڪ لاءِ هڪ مثال بڻجي سگهي ٿي ۽ سماجي اوسر لاءِ لازمي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
0 تبصرے