طحہٰ احمد فاروقي صوبائي سيڪريٽري DEPD جو گلشن حديد ۾ واقع ذھني معذور ٻارڙن جي بحالي مرڪز جو دورو

مرڪز ۾ پيش ڪيل لائف ٿراپي سروسز جو تفصيلي مشاهدو ڪيو ويو

طحہٰ احمد فاروقي صوبائي سيڪريٽري DEPD جو گلشن حديد ۾ واقع ذھني معذور ٻارڙن جي بحالي مرڪز جو دورو

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز جي سيڪريٽري طحٰه احمد فاروقي ڪراچي جي گلشن حديد ۾ DEPD-PDSA بحالي مرڪز جو دورو ڪيو. پنهنجي دوري دوران، هن مرڪز ۾ پيش ڪيل لائف ٿراپي سروسز جو تفصيلي مشاهدو ڪيو، جنهن ۾ فزيوٿراپي، اسپيچ ٿراپي، پيشه ورانه علاج، ۽ نفسياتي علاج شامل آهن. گلشن حديد مرڪز ۾ خدمتون حاصل ڪندڙ ٻارن جي والدين پاڪستان ڊائون سنڊروم ايسوسيئيشن (PDSA) پاران DEPD، سنڌ حڪومت جي تعاون سان مفت بحالي جي فراهمي لاءِ شڪريو جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي طحٰه احمد فاروقي PDSA پاڪستان جي هڪ سرگرم خدمت فراهم ڪندڙ ۽ DEPD جي هڪ قابل اعتماد معاون تنظيم جي حيثيت سان ان جي لگن ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن سنڌ حڪومت جي انهن قدمن جي حمايت ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪي معذور ٻارن جي زندگين کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. PDSA پاڪستان جي اڳواڻ عابد لاشاري، سنڌ حڪومت جي شموليت واري ويزن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو، جيڪو معذورن کي ترقياتي ايجنڊا ۾ شامل ڪري ٿو. "PDSA گلشن حديد سينٽر تي مفت بحالي جي خدمتن کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي اھو سڀ سنڌ حڪومت جي تعاون جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آھي. جڏهن ته معذوري جو علاج نٿو ڪري سگهجي، انهن کي مؤثر طريقي سان مسلسل بحالي جي ڪوششن ذريعي ان کي منظم ڪري سگھجي ٿو." اهو دورو معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ PDSA جهڙين تنظيمن سان پارٽنرشپ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي جاري وابستگي تي زور ڏئي ٿو ته جيئن سڀني لاءِ پهچ ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻائي سگهجي.