ملير (ڊ ر) پوليس ڪانسٽيبل ڪرن خاصخيلي پنهنجي تحفظ لاءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پهچي وئي، مون کي جان جو خطرو آهي منهنجو اڳوڻو مڙس مون کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هيڊ ڪانسٽيبل ڪرن خاصخيلي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئون هڪ معزز گهراڻي جي نياڻي آهيان 2023 ۾ جمال الدين ڪلوڙ جيڪو پڻ ڪراچي پوليس ۾ ڪانسٽيبل آهي تنهن سان مون ارينج ميريج ڪئي، شادي جي ڪجهه وقت گذرڻ بعد منهنجي مڙس مون تي روز تشدد ڪندو رهيو ۽ منهنجي سموري پگهار پڻ قبضي هيٺ آڻي خرچ ڪندو رهيو آئون گهر ۾ سندس زال نه پر هڪ نوڪرياڻي طور تي رهندي هئس، هن چيو ته 3 مئي 2024 تي جمال الدين ڪلوڙ مون کي هڪ سادي اسٽام پيپر تي طلاق ڏني ۽ منهنجو 3 لک روپيا حق محر ۽ 3 تولا سون سندس قبضي هيٺ آهي تنهن جي باوجود آئون ان کي پنهنجو مجازي خدا تسليم ڪندي رهيس ۽ پنهنجي گهر کي آباد ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر منهنجي مڙس تشدد جي انتها ڪري ڇڏي، 27 آڪٽوبر 2024 تي تشدد دوران منهنجو ٻار پڻ ضايع ٿيو جنهن تي مون کي دلي صدمو پهتو آخرڪار ان مون کي گهر مان زبردستي ڪڍيو ۽ مون تي سرڪاري پسٽل ذريعي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کي رب سائين بچائي ورتو، ڪرن وڌيڪ چيو ته سندس ور انتهائي ڪرمنل قسم جو ماڻهو آهي جنهن منهنجي ذاتي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي ۽ مون سندس ڪرمنل ذهنيت ۽ تشدد خلاف نپيئر ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 24/218 درج ڪرائي آهي ۽ بالا آفيسرن کي جمال الدين ڪلوڙ خلاف درخواستون ڏنيون آهن پر اڄ ڏينهن تائين مون کي انصاف نه مليو آهي آئون اڪيلي نه آهيان مون سان گڏ منهنجي برادري گڏ آهي، آئون جمال الدين ڪلوڙ کان مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سائوٿ ۽ انساني حقن جي تنظيمون مون کي انصاف ڏيارين، هن چيو ته مون کي يا منهنجي وارثن کي ڪو به جاني، مالي نقصان رسيو ته ان جو ذميدار جمال الدين ڪلوڙ هوندو.
0 تبصرے