ڪنوينشن ۾ سياسي جماعتن سان لاڳاپيل شاگردن، شاگردياڻين توڙي سياسي ونگز جي قيادت شامل ٿي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ مختلف سماج تنظيمن جي سھڪار سان نوجوانن جي وچ ۾ مقالمعو ڪم ۾ وسعت ضلع سطح تي مڪالمن جي ذريعي چارٽ آف ڊيمانڊ جي تياري ۽ ان جي عمل درآمد جي موضع تي ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي جماعتن کان وابستگي رکڻ وارن نوجوانن شاگردن ۽ شاگردياڻين، سياسي جماعتن جي شاگردن ونگز جي قيادت شامل ٿي جڏهن ته ڪنوينشن جي ٻئي حصي ۾ انهن ئي سياسي جماعتن جي مقامي نمائيدن ۽ چونڊيل نمائيدن، لوڪل گورنمنٽ جي منتخب نمائيندن پڻ شموليت ڪئي. ڪنوينشن مقصد اسان جي علائقي ۾ تعليم، صحت، بهتر حڪمراني ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري لاءِ نوجوانن جون تجويزون گڏ ڪرڻ آهي سياسي گرما گرمي ۾ گھٽتائي نوجوانن جي وچ ۾ گورننس جي مسئلن کي مڪالمن ذريعي بهتر حڪمراني کي فروغ ڏيڻ آهي ڪنوينشن ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ ترتيب ڏنو ويو ۽ ان کي سياسي قائدين کي پيش ڪيو ويو.چارٽر آف ڊيمانڊ تعليم جو بهتر سهولتون نه هئڻ خاص ڪري ٻهراڙي جي نوجوانن لاءِ نوجوانن جي صحيح طرح ڪيرير ڪائونسلنگ نه هئڻ پبلڪ لائبريري جو نه هجڻ ذهني صحت ۽ ڊپريشن جو وڌڻ سٺي حڪمراني ۽ شفافيت جو فقدان رشوت خوري جي ڪري ادارن جي ڪارگردگي جو غير فحال هجڻ لاقانونيت، شفارش ڪلچر جڙيل قانونن عمل نه هجڻ سياسي شعور جو هجڻ بيروزگاري ميرٽ جي لتاڙیوٿ ڪنوينشن ۾ مختلف سياسي، قوم پرستن ۽ شاگردن تنظيم جي نمائيدن شرڪت ڪئي هن موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي صدر ڊاڪٽر گھنشام تحريڪ انصاف ڊويزنل صدر روبينا محبوب ترقي پسند پارٽي سينير نائب صدر معيار بنگلاڻي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي عمرڪوٽ جي اڳواڻ گل بجير شاگرد ۽ شاگردياڻين جي چارٽر کي وصول ڪيو ۽ نوجوانن سان واعدو ڪيو ته هو گورننس جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندا.
0 تبصرے