دھشتگردي روڪ ايڪٽ ۾ ترميم بل بنيادي حقن جي خلاف آھي: جماعت اسلامي سنڌ جو امير
ڪراچي /لاڙڪاڻو(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي تہ سنڌ امن جي ڌرتيءَ آهي،سنڌ جي امن ، حقن ۽ دنگن خلاف ڪابہ سازش ڪامياب ڪو نہ ٿيڻ ڏبي۔ 26 هين ترميم ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ نہ پر حڪمرانن جي ذاتي مفادن جي پورائي لاءِ آهي . دهشتگردي روڪ ايڪٽ ۾ ترميم بل بنيادي حقن جي خلاف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منهاج القرآن طرفان ڏنل آجياڻي ۾ خطاب دوران ڪيو . ان موقعي تي درگاھ رحمت پور جي گادي نشين پير عبدالغفار شاھ، عبدالعزيز قاسمي ۽ ٻين سنڌ جي امير کي سنڌ جو سوکڙي اجرڪ پارايو . قاري ابو زبير جکرو ، حفيظ آرائين، سجاد علي شاھ،حافظ روشن انقلابي پڻ موجو دهئا .هن وڌيڪ چيو تہ جماعت اسلامي اتحاد امت جي داعي جماعت آهي . جيڪا ملڪ ۾ اسلامي نظام کي لاڳو ، نفرتن جي خاتمي ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي۔ ھوڏانھن سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا صحافي ۽ ڪاوش جي نيوز ايڊيٽر يعقوب سومرو جي ڀيڻ جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت ۽ پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آھي
0 تبصرے