ملير ۾ گهر تي قبضي ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ معذور خلاف ڪيس داخل

گهر تي ڏيڍ مهينو اڳ بااثر قبضو ڪيو هو، مزاحمت تي تشدد ڪيو ويو هو: معذور پورهيت علي احمد ڪاتيار

ملير ۾ گهر تي قبضي ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ معذور خلاف ڪيس داخل

ملير (رپورٽر) ملير ۾ گهر تي قبضي ۽ حملي خلاف ڪيس داخل ڪرائن معذور پورهيت لاءِ مصيبت بڻجي ويو، ازالو ته نه ٿيو اٽلو فريادي تي ايراني پيٽرول وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل، ظلم ڏاڍ خلاف اواز کڙو ٿيڻ تي بااثر ۽ پويس جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي ايس ايس پي ملير کي شڪايت به بي اثر نڪتي پوليس گهر خالي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي آء جي سنڌ نوٽيس وٺي انصاف ڪري، معذور علي احمد ڪاتيار،تفصيل موجب ملير جي علائقي بختاور ڳوٺ جي رهواسي معذور پورهيت علي احمد ڪاتيار جي گهر تي ڏيڍ مهينو اڳ بااثر طرفان قبضي ۽ بعد ۾ مزاحمت تي تشدد ڪيو هو ۽ پوليس طرفان ڪيس داخل نه ڪرڻ تي هن عدالت ذريعي سڪن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو جنهن جو ازالو ٿيڻ بدران سندس لاءِ مصيبت بڻجي ويو ۽ اٽلو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي ان سلسلي ۾ علي احمد ڪاتيار ٻڌايو ته ظلم ڏاڍ خلاف کڙو ٿيڻ تي بااثر ۽ پوليس جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي پهرين ڪيس داخل نه پئي ڪيو ويو عدالت ذريعي ڪيس داخل ٿيو ته جوابدارن جي گرفتاري بدران اٽلو مون مٿان ايراني پيٽرول وڪرو ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهڙي شڪايت مون ايس ايس پي ملير کي به ڪئي هئي پر لڳي ٿو بااثر هن کان به ڏاڍا آهن جنهن سبب شڪايت بي اثر ثابت ٿي آهي ۽ هاڻي پوليس گهر خالي ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهي آهي غريب ۽ بيپهچ هجن سبب ظلم ڪيو پيو وڃي هنن آء جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي اپيل ڪئي بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي