قومي ايئر لائين جي نيلامي...!

رحمت الله ٻرڙو

قومي ايئر لائين جي نيلامي...!

دنيا تيزيء سان سڌارن ڏانهن پئي وڃي،دنيا تيز رفتار سان ادارتي ترقي ڪندي جدت سان ادارن کي سنواريندي اڳتي پئي وڌي.پر اسان وٽ اجايون مداخلتون،نااهليت جي بنياد تي،ڪرپشن جي بنياد تي،ذاتي مفادن جي گڏيل دلچسپي جي بنياد تي رياست جي ادارن سان نجڪاري عمل ڪرڻ ڪنهن سٺي،سچي،ايماندار ۽ کري حڪمران ۽ ذميوار جون نشانيون اهي ناهن ته ادارا نيلام ڪجن!. مان اوهان کي يقين سان ٻڌائيندو هلان ته اها رياست هن دنيا ۾ اٿوو جنهن کي ڳولهڻ تمام سولو آھي.ان رياست ۾ اوهان کي ايماندار ڳولهڻ لاء ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت نه پوندي ايماندار اهو آھي جيڪو حڪمران آھي،جيڪو بااختيار آھي،جيڪو سيٽ تي آھي سو پڻ مسجد جو ڪک آھي.سندس جي لھڻ کانپوء ايماندا هجڻ جي باوجود هو قومي چور ثابت ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندا،هن تي هڪ نه ٻه نه هزارين الزام لڳندا.انهن سچن ڪوڙن ڪيسن کي ثابت ڪرڻ لاء سموري حڪومت ڏينهن رات هڪ ڪري قومي خزاني جي اجائي ڀينگ ڪري سمورو حڪومتي دور پورو ڪندي ۽ سندس ڪوڙ کي پڪڙيندي ثابت ڪرڻ ۾ وقت پورو ٿي ويندس ۽ سندس دور ۾ڪيل ڪرپشن ايندڙ حڪمران  اچي ڳولهيندس.اها رياست اسانجي پنهنجي رياست پيارو پاڪستان آھي.جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي اسان جا قومي توڙي  رياستي ادارا بجاء بهتر ٿيڻ جي وڃن پيا نيلام ٿيندا يا ناڪارا ٿيندا يا  مورڳو بند.ملڪ جا بهترين ادارا پاڪستان اسٽيل ملز،پاڪستان ريلويز،پاڪستان پوسٽ آفيس،پاڪ پي ڊبليو ڊي مطلب ته ڪهڙن قومي اداران جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻجن.سڀني ادارن جي ڀينگ لڳي وئي،ڪي انهن مٿي ڄاڻايل ادارن مان بند ٿي ويا جيئن پاڪستان اسٽيل ملز،پاڪ پي ڊبليو ڊي وغيره کان ويندي ريلويز جو به ڪافي حصو مسافر ٽرينن وارو پرائيويٽ ٿي چڪو آھي.!!اڄ هڪ خبر ملڪي اخبارن جي وڏين سرخين سان لڳل آھي ته پي آء اي جهڙي قومي اداري کي نيلام ڪرڻ واري عمل ۾ سندن خريدار ڪمپني 10 ارب روپين جي ٻولي ڏني آھي!!.افسوس سان ٿو چوڻو پئي پئي اهي اختيار ڌڻي ۽ اداري جا زميوار توڻي خود حڪمران قومي ادارن جي نيلاميء ۾ ڪيتري نه بي حسيء جو شڪار ٿيا آھن جو هنن کي پنهنجي قومي ۽ رياستي اداري جنهن جي بين الاقوامي پڻ شھرت هئي يا آھي جيڪا هنن خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڏيکاريندي اداري کي هن حالت ۾ پهچايو آھي جو هڪ اهڙي ڪمپني جنهن جو شايد ماضي خود بڊ ۾ شامل ڪندڙ ذميوارن کي به ياد ڪونه هوندو ته سندس جا اثاثا ڪيترا آھي ۽ پهريان هوء 10 ارب روپين جو واڪ ڏيندڙ پنهنجو ڪٿي ڪٿي ڪم ڪري  چڪي آھي به الائي ڪونه؟خود نجڪاريء واري عمل ۾ رکڻ لاء سرڪاري حد 85 ارب ڄاڻي وئي آھي پر حڪمرانن جي بيحسي ۽ شايد زميوارن  جي نااهلي ڏسو هنن فقط ڏھ ارب جي ٻولي ڏيندڙ ڪمپنيء جي بڊ جمع ڪرائڻ تي نيلاميء جي اوپننگ ڪئي آھي.10 ارب جي بڊ جمع ڪرائيندڙ ڪمپنيء جو نالو بليو ورلڊ ڪنشورشيم پڻ آھي.ان جي سامهون نجڪاري ڪميشن پاران بڊ جي اوپننگ لاء لوڪل ڪجھ ڪمپنين کي به لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو جيڪي پڻ هنن نالن سان آھن.ايئر بليو،عارف حبيب ڪارپوريشن،فلائي جناح سميت  ڪجھ ٻيون ڪمپنيون به هيون جن ڪاغذات جمع نه ڪرايا.ملڪ جي قومي اداري کي نيلام ڪندڙ ذميوار عملدار ۽ حڪمران جنهن بي حسيء سان هي عمل ڪرڻ طرف وڃن ٿا سو پڻ ڪنهن قومي ڏوھ کان ڄڻ ته گهٽ ڪونه آھي.هي قومي ادارا يا ڪي صوبائي اسم اهڙي نموني نجڪاري ڪميشن جي معرفت ڏيڻ ۽ انهن جو وجود اها سرزمين ڀڳڙن مٺ تي قوم ۽ رياست سان ڀلائي ناهي!!قطعي به اهو ڪڌو عمل قومي ادارن جي نيلاميء وارو عمل سواء رياست کي ڪمزور ڪرڻ جي ٻيو ڪو ڪم ڪونه ڪندو.هي ساڳيا ئي حڪمران آھن جيڪي واري واري سان مختلف نمونن سان حڪومتن جو حصو بڻيا آھن ۽ هنن ئي حڪمرانن هڪ ٻئي تي قوم چور هجڻ جا الزام هنيا آھن.پر افسوس جو هنن حڪمرانن کان بهترين قسم جي رياست جيڪا پنهنجن وسيلن سان قدرت پاران مالامال ٿيل آھي جيڪا پڻ سنڀالجي نٿي سگهي.!؟اوهان حڪمران ٽولن جي بار بار غلط پاليسين سبب پاڪستان اسٽيل ملز ڪمزور ٿي نيلام ٿيڻ لڳي پر خدا ترس ملڪ جي ڪنهن ذميوار قوتن ان کي فقط نيلاميء کان ته بچائي ورتو پر بحران ۾ ڪڍي ڪونه سگهيا.هن وقت پي آئي اي جي نيلامي گهٽ ٻولي ڏيڻ سبب وقتي طور ڪنهن ٽيڪنيڪل انداز ۾ روڪي وئي آھي.ممڪن آ ته وري ڪنهن ٻي بڊ جي اوپننگ ۾ 10 ارب جي ٻوليء کان مٿي 20 ارب کان 25 ارب ٻولي ڏيندڙ ڪمپنيء کي سامهون آڻي رياست جي هڪ اهم پلر جهڙي قومي اداري پي آء اي کي نيلام ڪيو وڃي.جيڪو عمل به پڻ قومي ڏوھ برابر سمجهيو ويندو.پر هو ڪري سگهن ٿا.جيڪڏهن ڪا پرائيويٽ ڪمپني اهڙي دعوي ڪندي هي جي خساري ۾ ويندڙ ادارو خريد ڪري ٿي ته ڇا رياست ،ملڪ ۽ قومي قيادت ڪنڙ حڪمران طبقو ۽ آفيسرز شاهي هي قومي ادارو سڌاري هلائي سگهڻ جي سگھ يا اهليت نٿا رکن؟.جيڪڏهن ايئن آھي ۽ اسان جي قومي حڪمرانن ۽ پي آء اي جهڙي قومي اداري جي ذميوارن کي ايتري اهليت ۽ سگھ يا قابليت ناهي ته پوء اهڙن حڪمرانن کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق ناهي ۽ پيڏآء اي جي اعلي عملدار کي نوڪري ڪرڻجو ڪو حق ناهي.انهن نااهل ثابت ٿيندڙ  ۽ قومي توڻي رياستي پلر جي حيثيت رکندڙ ادارن کي نيلام ڪندڙ قوتن کي ڪرمنل ايڪٽ تحت بڊ جي ۽ پي آء اي جي نيلاميء  جي اعلي سطحي جاچ ڪرائي ڪيس هلايو وڃي.قومي اسيمبليء ،سينيٽ توڻي صوبائي اسيمبلين جا اجلاس سڏائي قومي ۽ رياستي پلر جهڙن ادارن جي نجڪاري فوري روڪرائي وڃي.ٻي صورت ۾ قومي ادارا نيلام ڪندڙ ذميوار قومي چور قرار ڏنا وڃن.پي آء اي ا زمينن يعني ايئرپورٽس کان ويندي مڪمل اثاثا سامهون آندا وڃن ته انهن جي ڀيٽ ۾ پي آء اي جي نيلاميء جي ٽوٽل رقم ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپرٽ يا اسلام آباد ايئر پورٽ جي اثاثن برابر به ڪونه ٿيندي.ته پوء ڇو ڪونه ٿا اسان جي ملڪ جا سياسي اڳواڻ انهن اشوز کي کڻي روڊن رستن ۽ اسيمبلي فلور تي اچن.ملڪ جي احساس رکندڙ قومي سياسي قيادت،رياست جي سار سنڀال رکندڙ اسٽيبلشمنٽ کان ويندي قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ عوامي نمائيندگي ڪندڙ قيادتن کي کپي ته رياست جي بچاء لاء رياستي اسمن جي نيلام خلاف سامهون اچڻو پوندو.انهن ادارن جي بچاء لاء ڪا تحريڪ هلائڻي پوي ته ان کان به گريز قطعي نه ڪيو.هي وقت آھي قومي تباهيء ۽ قومي ادارن جي وقار ۽ اثاثن جي نيلاميء کان اڳ منظر عام تي سڀني عوامي ۽ سڄاڻ حلقن کي سامهون ٿي اچڻ پوندو.قومي بچاء ۽ رياستي دفاع هنن ادارن جي بحاليء سان پڻ آھي نه ڪي نيلاميء سان.هن وقت نيب جهڙو ادارو جيڪو حڪومتي دٻاء يا اشارن تي اچي صوبائي ادارن ۾هلندڙ ڪمن ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿو جيڪو پڻ هميشھ ڪندو رهيو آھي ۽ هن وقت به پڻ ڪري رهيو آھي ته هن جي ذميوارن کي کپي ته پيآء اي جي نيلاميء واري ڪڌي عمل جا اعلي سطحي جاچ ڪري ۽ پي آء اي کي نقصان پهچائيدڙ قوتن جو گهيرو تنگ ڪري قومي اداري کي تباھ ڪدڙ بااثرن ۽ ڪرپٽن کي قومي مجرم طور سامهون ظاهر ڪرڻ کپي.هن وقت خود وفاقي حڪومت جي نمائيندگي ڪنسڙ نواز ليگ قيادت،پيپلز پارٽيء جي قيادت،جي يو آء جي قيادت،جماعتي اسلاميء جي قيات،ق ليگ جي قيادت مطلب ته مجموعي قومي توڻي صوبائي قيادت کي قومي ادارن جي نيلام خلاف ۽ قومي ادارن جي بحاليء لاء ڪردار ادا رڻ لاء سامهون ٿي اچڻو پوندو.صڀاڻي ڪنهن ناهي ڏٺي،اڄ جيڪو قومي ڪردار ادا ڪندو صڀاڻي تاريخ ان کي سونهري لفظن ۾ ياد ڪندي.باقي جيڪڏهن ايئن نجڪاري عمل ٿيندو رهيو ته هي قومي ادارن نيلام ٿيڻ ۾ دير ڪونه ڪندا.قومي مفادن کي ذاتي مفادن ۽ ڪرپشن لاء ڪردار ادا ڪندڙ قومي چورن جي لسٽ اسان وٽ تمام گهڻي آھي.خدارا قوم،رياست ۽ رياستي ادارن جي بهتريء لاء قومي ڪردار ادا ڪيو جيڪڏهن نه ته تاريخ توهان قومي مجرمن کي معاف ڪونه ڪندي.