English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: وڻ شھر جو حسن وڌائي ماحول کي سازگار بڻائن ٿا: محمد سچل وڌو
views
|
03rd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ماحول دشمن وڻن سان شھرن اندر گرمي پد وڌندي رهي ٿو جنھن سان قدرتي آفتن اچن ٿيون ۽ تمام گھڻو نقصان ٿئي ٿو
ڪراچي (اعجاز چانڊيو) وڻ شھر جو حسن وڌائي ماحول کي سازگار بنائڻ سان گڏ آلودگي کي ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي ، ماحول دشمن وڻن سان شھرن اندر گرمي پد وڌندي رهي ٿو جنھن سان قدرتي آفتن اچن ٿيون ۽ تمام گھڻو نقصان ٿئي ٿو ، بيمارين کي ختم ڪرڻ ۽ پنھنجي نسلن کي بچائڻ لاء ھر ماڻھو پنھنجي حصي جو ھڪ وڻ لڳائڻ گھرجي محمد سچل وڌو ، بھار فائونڊيشن پاران سنڌ حڪومت جي سرڪاري طور وڻڪاري مھم جي قرار پاس ڪرڻ واري عمل کي سنڌ دوست عمل قرار ڏنو سنڌ حڪومت جي اھڙي انسان دوست عمل ۾ بھار فائونڊيشن پاران ڀرپور نموني ساٿ ڏنو ويندو ان ڏس ۾ ڪراچي ضلعي اولھ جي عبدالله گبول ڳوٺ جي گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول ۾ وڻ ۽ ٻوٽا لڳائڻ جو پروگرام ڪيو جنھن ۾ بھار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌو ، ميونسپل ٽائون ڪميٽي منگھوپير جو چيئرمين حاجي علي نواز بروهي، استاد برڪت علي سوڍڙو ، استاد عاشق حسين وڌيو ، يو سي عبدالله گبول ڳوٺ جو چيئرمين مور خان گائنچو ، ڊاڪٽر عابد مظهر ، عبدالخالق مرزا ، ايجوڪيشن آفيسر نورالدين مستوئي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته بھار فائونڊيشن جو سمورو سٿ جس لھي جيڪي پنھنجو قيمتي وقت سماجي خدمتن ۾ گذارين ٿا ، ان موقعي تي منگھوپير ٽائون جي چيئرمين حاجي علي نواز بروهي چيو ت آئون ۽ منھنجي پوري ٽيم بھار فائونڊيشن جي وڻڪاري مھم ۾ ھميشه گڏجي ڪم ڪندي اسان کي جڏھن ۽ جتي ت آواز ڏيندا انشاءالله اتي بھار فائونڊيشن سان گڏ ھوندا سين ، محمد سچل وڌو ڳالھائيندي چيو ته شھر جي ترقي ۽ ان کي سر سبز بنائڻ لاء اسان کي سڀ ڪجھ وساري گڏ ٿيڻو پوندو ، گھڻو ڪجھ غلط ٿي رھيو آھي اچو ت گڏجي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش کي ڪامياب ڪريون ، ان وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته آئون اسڪول جي استادن شاگردن خاص طور تي نياڻين جو بيحد شڪر گذار آھيان جن ھن وڻڪاري مھم ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
محمد سچل وڌو
ڪراچي
0 تبصرے