آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ توهين مذهب جا ڪيس

تحرير: ثوبيا کوسو

آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ توهين مذهب جا ڪيس

سنڌ هڪ امن جي ڌرتي آهي ۽ امن، پيار، پريت جي ڌرتيءَ تي ڪجهه وقت کان وڏو طوفان آيل آهي، جنهن کي انتهاپسندي چوندا آهن، قومپرست اڳواڻ حيدرکوسي جو مسئلو هجي يا ڊاڪٽر شاهنواز جو بي رحماڻو قتل هجي انهن واقعن سڄي سنڌ جي باشعور ماڻهن کي هڪ تمام وڏو جهٽڪو رسايو آهي، اها به سنڌ هئي جنهن ۾ غيرمسلمان مسلمانن سان گڏ عيدون ملهائيندا هئا، مسلمان وري ان عيد جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا پر اڄ سنڌ ۾ اوچتو پکڙجندڙ انتهاپسندي ۽ فيس بڪ جي اسڪرين شارٽس تي ٿيندڙ ايف آءِ آرز ۽ ملندڙ فتوائن سموري سنڌ کي تمام وڏي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، توهين مذهب يا توهين رسالت جو ڪيس ڪو معمولي ڪيس ناهي، هن ملڪ ۾ ان تي سخت سزائون مقرر ڪيل آهن ۽ جنهن به شخص تي اها ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي آهي ته ان جي زندگي خطري ۾ پئجي ويندي آهي، ڊاڪٽر شاهنواز جو ڪيس اوهان سڀني جي سامهون آهي، هڪ سروي مطابق توهين مذهب يا توهين رسالت جي داخل ٿيل 80 سيڪڙو ايف آءِ آرز سوشل ميڊيا جي مختلف سائٽس جي اسڪرين شارٽس جي بنياد تي ڪٽيل آهن. هاڻي اچو ته اهو ڏسون ۽ سمجهون ته اسڪرين شارٽس جي بنياد تي مچيل واويلا ۽ واويلا کان پوءِ بنا ڪنهن به انڪوائري جي ڪٽيل ايف آءِ آرز ۾ ڪيتري صداقت هوندي آهي، هينئر جديد ٽيڪنالاجي جو دور آهي. آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي جنهن کي شارٽ Ai چوندا آهن ان کان تمام گهٽ ماڻهو واقف هوندا، اها ايتري ته ڪمال جي آهي جو اوهان جي هڪ تصوير ڪنهن وٽ هجي يا اوهان جي آواز جو ٿورڙو ٽڪرو ته اڳيون انسان ان ٽيڪنالاجي ذريعي اوهان جي ان تصوير کي اوهان جي آواز ۾ ڳالهرائي سگهي ٿو، ۽ اوهان جي تصوير جا چپ به چرندا ، هڪ پرسنٽ به اهو خيال نه ايندو ته اها سڄي ٽيڪنالاجي جي ڪرامت آهي، جيئن اسين فيس بڪ ريلز ۾ ڏسندا رهندا آهيون ته ڪو جانور ڪنهن ايڪٽر جي آواز ۾ ڳالهائيندو آهي يا وري ڪنهن سياستدان جي آواز ۾، ايتري ٽيڪنالاجي ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي ڪنهن سان به ڪا ذاتي رنجش هجي ته هو ان جا ڪوڙا اسڪرين شارٽ ٺاهي سگهي ٿو. هاڻي ته گوگل تي هڪ سرچ بٽن دٻائڻ سان گڏ اهڙا هزارين سافٽ ويئر اچي ويندا جن جي وسيلي اوهان ڪنهن جي به فيس بڪ اڪائونٽ جي فيڪ پوسٽ ٺاهي سگهو ٿا ۽ انهيءَ ۾ اڳيون همراهه ڪجهه به لکي اها ان جي مرضي آهي، سنڌ ۾ اڪثر فيس بڪ تي ڪو هڪ شخص ڪا به توهين مذهب يا توهين رسالت جي ذمري ۾ ايندڙ اسڪرين شارٽ ڏسندو آهي ته ان کي شيئر ڪندي دير ئي ناهي ڪندو، فيڪ اسڪرين شارٽ ٺاهي انهن کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ وارا فيس بڪ تي اهي ڪوڙا ٺهيل اسڪرين شارٽ رکي مٿان اهو لکندا آهن ته اسلام سان محبت ڪرڻ وارا شيئر ڪن، ۽ پوءِ اها پوسٽ ۽ اهي ڪوڙا ٺهيل اسڪرين شارٽ ڪجهه منٽن اندر سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويندا آهن ۽ پوءِ مختلف مذهبي تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻهو مٿس فتوائون ڏيندي کيس مارڻ واري کي انعام ڏيڻ جون ڳالهيون به ڪندا آهن ، ۽ سوشل ميڊيا تي واويلا ڏسي پوليس به پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ بنا دير جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏيندي آهي،جيئن قومپرست اڳواڻ حيدر کوسي وارو مسئلو ٿيو، ان جي نالي سان به فيس بڪ تي هڪ اسڪرين شارٽ گردش ڪئي جنهن ۾ لکيل مواد پاڪستان جي قانون مطابق توهين رسالت ۽ توهين مذهب جي اندر اچي رهيوهو، بس پوءِ ته هڪ طرف مذهبي اڳواڻن اچي احتجاج شروع ڪيا ته ٻئي طرف وري مجبور ٿي پوليس اٽالن ان جي گهر تي چڙهائي ڪري حيدر کوسي کي گرفتار ڪري ورتو پوليس ته ايف آءِ آر داخل ڪري پاڻ تان بار لاهي ڇڏيو پر حيدر کوسو جي فيملي اڃان تائين ڏکن جي زندگي گذاري رهي آهي، ٿيڻ ائين گهرجي جو جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي ڪو اسڪرين شارٽ وائرل ٿئي ٿو ٿه سڀ کان پهرين ايف آءِ اي ان جي تحقيقات ڪري موبائل ۽ اسڪرين شارٽس جو فارزنڪ ڪرايو وڃي ۽ پوءِ اها رزلٽ اچڻ کانپوءِ ڪارروائي ڪئي وڃي، پر هتي ائين ناهي ٿيندو جيڪو ڪم ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جو آهي اهو ڪم پريشر ۾ اچي پوليس پئي ڪري، پوليس ته الزام هيٺ آيل همراهه کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ڇڏي پر پوءِ ان شخص جي زندگي کي هر پل خطرو هوندو آهي ته ڪٿي ڪو انتهاپسند کيس قتل نه ڪري وجهي، مطلب ته انهيءَ الزام هيٺ آيل شخص جي جان ڪٿي به بچيل ناهي هوندي، هو نه ته ٿاڻي ۾ محفوظ هوندو آهي ۽ نه ئي وري جيل ۾ محفوظ هوندو آهي، جنهن جو تازو مثال ڪوئٽا واري واقعي مان وٺي سگهجي ٿو ته ڪيئن نه هڪ پوليس اهلڪار پوليس ڪسٽڊي ۾ توهين جي الزام هيٺ آيل شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، وري اهو به ٻڌوسين هڪ نوجوان ڪورٽ ۾ جج جي سامهون الزام هيٺ آيل همراهه کي گوليون هڻين ڇڏيون، مشال خان جو مثال به سڀني جي سامهون آهي. چوڻ جو مقصد اهو ته جيڪو ڪم ايف آءِ اي جو آهي اهو ڪم ايف آءِ اي جي ئي حوالي ڪيو وڃي، ان جي تحقيقات به ايف آءِ اي ڪري، ڇو جو قانون موجب سوشل ميڊيا تي اهڙي پوسٽن جي تحقيقات ۽ پوءِ ايف آءِ آر ايف آءِ اي کي ئي ڪرڻي آهي، پوليس جڏهن مختلف مذهبي تنظيمن ۽ عام ماڻهن جي پريشر ۾ اچي ايف آءِ آر داخل ڪندي آهي ته پوءِ جج به رڳو سنوايون ڏيئي جان ڇڏائيندا آهن، ۽ حيدر کوسو واريءَ ڪيس ۾ ته ائين به ٿيو آهي جو هر سنوائي واريءَ ڏينهن همراهن جا ڪٽڪ اچي لهندا هئا، جنهن ڪري نه ته جوابدار جو وڪيل اچي سگهندو هو ۽ نه ئي وري ڪيس هلي سگهندو هو، نيٺ مجبوري ۾ ڪيس کي آن لائن هلائڻو پيو. آئون هن مضمون ذريعي سڀني مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن کي به اهو عرض ڪنديس ته صرف اسڪرين شارٽ جي بنياد تي ڪنهن کي به ڏوهاري نه سمجهيو وڃي، اسڪرين شارٽ ته فيڪ به ٺهي سگهن ٿا ڪير به ڏهه منٽ ڪمپيوٽر يا موبائل تي ويهي اهڙا سوين اسڪرين شارٽ ٺاهي سگهي ٿو، انڪري جيڪڏهن ڪنهن جو به توهين آميز اسڪرين شارٽ وائرل ٿئي ته سڀ کان پهرين ايف آءِ اي ۾ شڪايت ڪجي يا حد جي ايس ايس پي سان ملي اسڪرين شارٽ شامل ڪري ان کي درخواست ڏجي ۽ مطالبو ڪجي ته انهن اسڪرين شارٽ کي فرازنڪ ڪرايو وڃي ته جيئن اصل حقيقتن جي خبر پئجي سگهي ته ڪٿي هيٺ اسڪرين شارٽ فيڪ ته ناهن، پندرنهن کان ويهه ڏينهن اندر اها رپورٽ اچي ويندي آهي ته هيٺ اسڪرين شارٽ فيڪ آهن يا الزام هيٺ آيل شخص ئي پنهنجي اڪائونٽ تي رکيا آهن، اهو ئي هڪ طريقو آهي حقيقي ڏوهاري تائين پهچڻ جو، باقي مون پهرين به واضع ڪيو ته هيئنر آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، فيڪ اسڪرين شارٽ ته صفا معمولي ڳالهه آهن،آواز تائين ميچ ڪري سگهجي ٿو، تصويرن کي ڳالهرائي سگهجي ٿو. اها ته اڃان پري جي ڳالهه رهي پر ڪمپيوٽر ۾ ”ايڊوپ“ تي ويهي به اسڪرين شارٽ ٺاهي سگهجن ٿا، گوگل تي هڪ سرچ هڻڻ سان اهڙا سوين سافٽ ويئر سامهون اچي ويندا آهن، پر حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ تقريبن سڀني ادارن کي انهن فيڪ اسڪرين شارٽ ٺاهڻ وارين سڀني سافٽ ويئرز جي خبر آهي پر پوءِ به دٻاءُ ۾ اچي ايف آءِ آرز داخل ڪيون وينديون آهن، 295A يا 295C جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان پهرين هوم منسٽري کان پرميشن وٺڻي پوندي آهي ۽ پرميشن گرانٽ ٿيڻ کانپوءِ ئي ايف آءِ آر داخل ڪرڻي هوندي آهي پر هتي ائين گهٽ ٿيندو آهي، ٻيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن ڪنهن جا به اسڪرين شارٽ وائرل ٿين ٿا ته ماڻهو بنا سوچڻ جي ان کي پنهنجي اڪائونٽس تي شيئر ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن. ٻي طرف جيڪڏهن اسلامي نقطه نظر سان ڏسجي ته اڳئين زماني ۾ به جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو به الزام لڳندو هو ته حڪومت طرفان مقرر ڪيل قاضي وٽ ان جو فيصلو ٿيندو هلو، باقائده سان ڪيس هلندو هو، گواهه پيش ٿيندا هئا، گواهن کان آڏي پڇا ڪئي ويندي هئي ۽ پوءِ ئي قاضي پنهنجو فيصلو ٻڌائندو هو، سموري دنيا جي تاريخ پڙهڻ کانپوءِ اها به خبر پئي ٿي ته ڪافي ماڻهن تي توهين جا الزام انهن جي ڪيل جدوجهد تان هٽائڻ لاءِ هنيا ويندا هئا، گهڻو پري نٿا وڃون مخدوم بلاول جو مثال اوهان جي سامهون آهي، جنهن تي به فتوا هڻي کيس گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو هو،جي ايم سيد تي به فتوا هنئي وئي، ڳالهه جو مقصد ته ڪنهن به تي به بنا ايف آءِ اي جي انڪوائري جي صرف اسڪرين شارٽ جي بنياد تي ايف آءِ آرز داخل نه ٿيڻ گهرجن، ۽ توهين جون جيڪي به ايف آءِ آرز داخل ٿيل آهن اهي ڪوڙيون نڪرن ۽ الزام هيٺ آيل شخص ڪورٽ مان بري ٿي وڃي ته ايف آءِ آر داخل ڪرائيندڙ شخص ۽ بنا انڪوائري جي ايف آءِ آر داخل ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.