ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس، پير عمر جان سرهندي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

عدالت پير عمر جان سرهندي ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ 16 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس، پير عمر جان سرهندي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس جا جوابدار پير عمر جان سرهندي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، پير عمر جان سرهندي، اڳوڻو ايس ايس پي آصف رضا بلوچ، اڳوڻو ايس ايڇ او نياز کوسو، اڳوڻو سي آءِ اي انچارج عنايت علي زرداري، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت پير عمر جان سرهندي ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ 16 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، گرفتار اھلڪار ھدايت الله ناريجو، پوليس اھلڪار فرمان، نادر ۽ غلام قادر کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت گرفتار پوليس اهلڪارن کي ٻيھر 16 نومبر تائين جيل ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو، لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 18 جوابدارن کي پڻ پيش ڪيو ويو، جن کي عدالت 20 نومبر تائين ٻيھر جيل موڪلي ڇڏيو