ٺٽي ۾ هيومن رائيٽس ڪمپلين سينٽر جي انچارج ۽ سوشل ويلفيئر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پاران عوامي پريس ڪلب جو دورو

الطاف تنيو ۽ خدابخش بھراڻي صحافين سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون

ٺٽي ۾ هيومن رائيٽس ڪمپلين سينٽر جي انچارج ۽ سوشل ويلفيئر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پاران عوامي پريس ڪلب جو دورو

ٺٽو(شفيق ڀٽي) ھيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ڪمپلين سينٽر ٺٽو جي انچارج الطاف تنيو ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدابخش بھراڻي اڄ عوامي پريس ڪلب جو دؤرو ڪيو،ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ھيومن رائيٽس ٺٽو جي انچارج الطاف تنيو چيو تہ عوامي پريس ڪلب ضلعي ٺٽي ۾ پاڻ مڃرايو آھي، انساني حقن جي مسئلن ۽ مظلوم ماڻھن جي اشوز کي تمام گھڻو اجاگر ڪيو آھي،ھن چيو تہ سنڌ جي انساني حقن جي کاتي پاران عوامي پريس ڪلب ٺٽو پاران اٿاريل ڪيترن ئي مسئلن جو نوٽيس وٺي ان تي قانوني ڪاروايون ڪيون ويون آھن،الطاف تنيو وڌيڪ چيو تہ ٺٽي ضلعي ۾ جلد ئي انساني حقن جي حوالي سان ھڪ وڏو سيمينار منعقد ڪرايو ويندو، ان موقعي تي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدابخش بھراڻي عوامي پريس جي ڪردار کي ساراھيندي چيو تہ عوامي پريس ڪلب واقعي عوامي ھئڻ جو حق ادا ڪيو آھي،ھن چيو تہ عوامي پريس ڪلب ضلعي ٺٽي جي غريب، مظلوم،وڏيرن، ڪامورن ۽ پوليس جي ستايل ماڻھن جي مالڪي ڪئي آھي ظلمن جي ستايلن ۽ انساني حقن غضب ٿيڻ وارن جو آواز بنيو آھي،ھن چيو تہ عوامي پريس ڪلب صحافت کان وڌي سماجي مسئلن جي حل ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي،ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون ٻنھي جو ٿورو مڃيندي سندن شڪريو ادا ڪيو