English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ملاح فورم پاران ڄامشورو ۾ مهاڻن جي عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان گڏجاڻيون
views
|
07th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو ۽ ٻين اڳواڻن مختلف علائقن ۾ گڏجاڻيون ڪيون
ٺٽو( ڊر)سنڌ ملاح فورم پاران ڄامشورو ۾ ماھيگيرن، ملاحن جي عالمي ڏيھاڙي 21 نومبر کي ڀرپور نموني ملھائڻ ۽ ان ۾ ملاح برادري جي شرڪت کي يقيني بنائڻ لاء سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن پاران ملاح برادري جي ماڻھن سان گڏجاڻين جو سلسلو جاري آھي، ان سلسلي ۾ سنڌ ملاح سنڌ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو ۽ ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ايوب ملاح پاران غلام الله، ميرپور ساڪرو، ور شھر، ڳوٺ محمد صديق ڀوپاڻي ملاح، ڳوٺ محمود ميربحر، گھارو، گجو ۽ ان جي آسپاس جي رھواسي ملاح برادري سان گڏجاڻيون ڪري کين سنڌ ملاح فورم پاران 21 نومبر ملاحن جي عالمي ڏيھاڙي کي ڄامشورو ۾ ملھائڻ جون دعوتون ڏنيون، جتي ملاح برادري پاران ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ويئي، مختلف ڳوٺن ۾ ٿيل ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ملاح اڳواڻن ڏاڏا آدم گندرو ۽ ٻين چيو تہ سنڌ ۾ وڏي آبادي ملاحن، ماھيگيرن جي ھوندي بہ کين ھر دور ۾ ديوار سان لڳائي کين ڪي بہ بنيادي سھولتون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ نہ ئي سندن روزگار جي وسيلن تي ٿيل قبضا خالي ٿي سگھيا آھن، جنھن ڪري ملاح سخت پريشان آھن، ھنن ملاحن تي زور ڀريو تہ ھو 21 نومبر تي ڄامشوري ۾ پھچي ماھيگيرن جي عالمي ڏيھاڙي تي منعقد ڪيل جلسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري يڪجھتي جو اظھار ڪن. ھنن ملاح کي اپيل ڪندي چيو تہ ھو ايڪو ٻڌي قائم ڪري پنھنجي اولاد کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياري انھن کي جھالت واري جھنم مان ٻاھر ڪڍن. گڏجاڻي ۾ نصير ملاح، شفيع محمد ملاح، گل حسن ملاح، سلطان ملاح، جميل ملاح، حبيب الله ملاح، جمعون ملاح، چاچا احمد ملاح، بابو ملاح، ڦل ملاح، گلزار ملاح، ذڪريا ملاح ۽ بيا پڻ شريڪ ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ ملاح فورم
ڏاڏا آدم گندرو
0 تبصرے