سموري سنڌ مان هزارين عورتون توڙي مرد 17 نومبر تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيندا: پرهه سومرو/نور احمد ڪاتيار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدرعمرا سمون، پرھ سومرو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري ۽ عوامي تحريڪ ملير جي ضلعي جنرل سيڪريٽري خالد تنيو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سموري سنڌ مان هزارين عورتون سنڌ جي عوام سان گڏ 17 نومبر تي ڪراچي پهچي ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي جلسو ڪري سنڌو دريا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ قبضن ۽ عورتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاريو ويندو هنن چيو ته عورتن جي تاريخي ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن سمورن عهديدارن ڪراچي سميت سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين جا دورا ڪري سنڌ جي وسيلن سان محبت ڪندڙ وطن دوستن ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي هنن چيو ته غير آئيني طور ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سمورا اختيار وفاق حوالي ڪيا ويا آهن جنهن جا نتيجا اهي نڪتا آهن ته سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائن جي سازش ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمينگ جي نالي تي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين کي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي حوالي ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سنڌ جو خطو سنڌو درياھ سان لاڳاپيل آهي پاڻي زندگي آهي ۽ دريا کي سڪائڻ جي سازش سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيندي هنن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري سنڌ جي عوام کي پاڻي جي ڦري ڦڙي لاءِ سڪايو ويندو هنن چيو ته سنڌياڻي تحريڪ وجود واري ڏينهن کان وٺي بنيادي حقن واري ويڙهه ۾ هر اول دستي طور جدوجهد ۾ موجود رهي آهي سنڌياڻي تحريڪ جو عورتون لانگ مارچن، ريلين، مظاهرن ۽ ڌرڻن ۾ گرفتارين تشدد ۽ سماجي الزامن کي هڪ پاسي رکي مسلسل جدوجهد ۾ مصروف عمل رهندي اچي هنن سنڌ جي باشعور ماڻهن خاص ڪري عورتن کي اپيل ڪئي ته 17 نومبر تي ٻارڙن سميت سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري اچن
0 تبصرے