پيپلز هائوسنگ پراجيڪٽ: ڪوڙي دعوائن ۽ ناڪام عملداري جو آئنو!

عبدالغفور سروهي

پيپلز هائوسنگ پراجيڪٽ: 
ڪوڙي دعوائن ۽ ناڪام عملداري جو آئنو!

حصو 2......

سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (SPHF) پراجيڪٽ وڏي شان سان شروع ڪيو ويو ۽ ٻوڏ متاثرن کي نوان گهر مهيا ڪرڻ جا خواب ڏيکاريا ويا هئا، پر وقت گذرڻ سان هي پراجيڪٽ عوام لاءِ هڪ مايوسيءَ جو مثال بڻجي ويو آهي. سرڪاري رپورٽن ۾ ڏنل ڪاميابيءَ جا انگ اکر، دعوائن جي برعڪس ۽ عملي طور تي نامڪمل نظر اچن ٿا، جتي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود متاثر خاندان اڄ به بي گهر ۽ بنا سهولتن جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

غير حقيقي دعوائون ۽ عوامي مايوسي:

جيتوڻيڪ سرڪاري انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر خاندانن کي گهر فراهم ڪيا ويا آهن پر زميني حقيقتن ۾ ڪا به تبديلي نظر نٿي اچي. متاثر علائقن ۾ اڃا تائين هزارين ماڻهو محفوظ رهائش کان محروم آهن. ماڻهون ۾ اڄ به مٽيءَ جي ٺهيل ٿانون ۾ کاڌو پچائي ۽ کليل آسمان هيٺ زندگيءَ جو سفر ڪري رهيا آهن. سرڪاري دعوائون صرف ڪاغذي رپورٽن تائين محدود آهن ۽ عملي طور تي عوام کي ڪابه حقيقي مدد فراهم نه ٿي آهي.

وسيلن جو ضايع ۽ ڪوڙي رپورٽن جو شڪار:

SPHF پراجيڪٽ ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، پر ان خرچ مان عوام کي ڪهڙو فائدو مليو آهي، ان بابت ڳڻپ اڃا تائين واضح نه ٿي آهي. مبينه رپورٽن مطابق ڪوڙي ڪارڪردگي رپورٽن تي وسيلا ضايع ڪرڻ بدران، جيڪڏهن هي پئسو سڌي طرح ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪيو وڃي ها ته شايد انهن جي زندگيءَ ۾ ڪجهه بهتري اچي سگهي ها. هن صورتحال ۾، عوامي سوال اٿڻ لازمي آهي ته حڪومت ڇو ڪوڙين رپورٽن ۽ ڪاميابيءَ جا بي بنياد دعوائن تي پئسو خرچ ڪري رهي آهي؟

زميني حقيقت: هڪ تباهيءَ مان نڪرڻ بدران نئين تباهيءَ ۾ داخل ٿيڻ:

ٻوڏ ۽ برسات جي شديد تباهي کانپوءِ ماڻهن جي زندگيءَ کي ٻيهر بحال ڪرڻ ۽ انهن کي محفوظ رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ هي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو، پر اڄ به سنڌ جا ٻوڏ متاثر ماڻهو تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو شڪار آهن. کين پڪو گهر، زندگيءَ جون بنيادي سهولتون ۽ تحفظ ڏيڻ جي بدران، ڪوڙا وعدا ۽ زباني دعوائون ملي رهيون آهن. عملي طور تي هي پروجيڪٽ زميني حقيقتن تي مڪمل طور ناڪام نظر اچي ٿو.

حقيقي تبديليءَ جي ضرورت:

حڪومت کي گهرجي ته هو عوامي وسيلن جو ضايع ڪرڻ بدران انهن کي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪري. ڪوڙين رپورٽن ۽ بي بنياد دعوائن جي بدران SPHF جهڙن پروجيڪٽن کي عملي طور تي موثر بنائڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌ جا ٻوڏ متاثر ماڻهو هڪ بهتر زندگي گذاري سگهن. عوام کي پنهنجن حقن لاءِ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن حڪومتي ادارن تي دٻاءُ وڌائي سگهجي ۽ هڪ حقيقي تبديلي اچي.

نتيجو:

SPHF جهڙو پروجيڪٽ، جيڪڏهن موثر طريقي سان لاڳو ڪيو وڃي ها، ته سنڌ جا ٻوڏ متاثر ماڻهو هڪ نئين زندگي جي اميد ڪري سگهن ها، پر سرڪاري دعوائن ۽ عملي ڪارڪردگيءَ ۾ فرق، هن پراجيڪٽ کي هڪ مايوسيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. حڪومتي وسيلن جي صحيح استعمال ۽ عملي تبديليءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو.