ڊونلڊ ٽرمپ جي "وڪٽري اسپيچ"

تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ

ڊونلڊ ٽرمپ جي

آمريڪي صدر جي 47 هي صدر جي چونڊ لاءِ آمريڪا جي پنجاھ رياستن ۾ اليڪشن ٿي جنهن جي نتيجن مطابق ڊونلڊ ٽرمپ کي انهيءَ دنگل ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي هو آمريڪا جو 47 هون ۽ ٻيون دفعو صدر ٿيندو. آمريڪا ۾ ٿيندڙ 538 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ دنگل سجايو ويو جنهن مان 277 اليڪٽورل ووٽ کڻندڙ کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي،

سو في الحال اها ڪاميابي ڊونلڊ ٽرمپ جي حصي ۾ آئي آهي ۽ قسمت جي ديوي ٻيو دفعو ڊونلڊ ٽرمپ تي مهربان ٿي آهي. آخري خبرن اچڻ تائين پرڏيهي ميڊيا مطابق 50 مان 27 رياستن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ 19 ۾ ڪملا هيرس ڪامياب ٿي آهي. آخري خبرن اچڻ تائين 188 سيٽون ري پبلڪن ۽ 160 ڊيموڪريٽس کٽيون آهن.

ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا ۾ پنهنجي گهرواري، پٽ ۽ سندس پارٽئَ جي نائب صدر سان گڏ موجود هو. ڊونلڊ ٽرمپ ان اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ کي سياسي فتح چيو آهي. هن پنهنجي ووٽرن ۽ ۽ اميدوارن جو دل سان شڪريو پڻ ادا ڪيو. هن جي اسٽيج تي اچڻ سان ئي آمريڪا آمريڪا آمريڪا جا بلند نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا.

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ هڪ اهڙي امير ترين، ايڪس (ٽوئيٽر) ۽ تيسلا جي مالڪ جو تمام گهڻو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو تہ ايلون مسڪ سندس ڪاميابيءَ ۾ آهن ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ايلون مسڪ کي ريپبلڪن پارٽيءَ جو اڀرندڙ ستارو چيو، ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي ڇو تہ ايلون مسڪ جا پوري دنيا ۾ ڪروڙين مداح هجن ۽ اهو وري ڊونلڊ ٽرمپ جو مداح هجي.

آيلون مسڪ يقينن هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ان ڪاميابيءَ ۾ ۽ هن هڪ شاندار مهم پڻ هلائي جنهنڪري ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي چئي سگهجي ٿي. ايلون مسڪ ايڪس ( ٽوئٽر) تي ٽرمپ جي حمايت ۾ ٽرينڊ هلايو ۽ گڏوگڏ سندس ريلين ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي.

پوءِ تہ ڪاميابي يقيني آهي. ٽرمپ انهيءَ موقعي تي هڪ ڳالھ جو ذڪر ڪندي ٻڌايو تہ هن کرب پتي شخص يعني ايلون مسڪ کي هڪ دفعو 40 منٽ انتظار ڪرايو ڇو تہ ڊونلڊ ٽرمپ ان وقت اسپيس ايڪس راڪيٽ جي هڪ وڊيو ڏسي رهيو هو.

هن پنهنجي تقرير ۾ نئين آمريڪا کي هڪ عظيم آمريڪا ٺاهڻ جو عهد ڪيو سندس چوڻ هو ته آمريڪا کي اڳي بہ مضبوط ۽ طاقتور بنايو ويندو، آمريڪا جي معيشت کي ٺيڪ ڪيو ويندو، غير ملڪي بنا ويزا رهندڙن کي ڊي پورٽ ڪيو ويندو.

سندس اهم ۽ ڪم واري ڳالھ اها هئي تہ ڪابہ نئين جنگ شروع نہ ڪئي ويندي پر هلندڙ جنگين کي پڻ ختم ڪيو ويندو. ڊونلڊ ٽرمپ کي اسرائيل، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن طرفان مبارڪباد جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي.