صوبائي گھرو وزير جو ڪراچي ۾ امن جي بھتري جو بيان عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي
ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ جي گھرو وزير طرفان سنڌ اسيمبليءَ ۾ گاديءَ واري ھنڌ ڪراچي ۾ امن امان جي بھتري متعلق بيان کي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر قرار ڏيندي چيو آهي تہ هن وقت ڪراچيءَ کان ڪشمور عوام غير محفوظ ۽ سموري سنڌ بدامنيءَ جي آڙاه ۾ ٻري رهي آهي. ڦرون ڌاڙا ۽ ڀنگ لاءِ روزانو وڌندڙ وارداتن مان لڳي ٿو تہ عملي طور سڄو صوبو ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آھي. ڪنھن بہ شھري جي جان توڙي مال محفوظ ڪونھي. پ پ گذريل 16سالن کا لاگيتو حڪومت ۾ آھي پر امن ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي.انڪرئ حڪومت سنڌ ۾ امن امان جي بحالي توڙي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ جوڳا قدم کڻي . هن اڄ ھڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو تہ هلندڙ سال صرف ڪراچي شهر ۾ درجنين ماڻهو ڦورن سان مزاحمت ۾ قتل ڪيا ويا.ڪنڌڪوٽ، شڪارپور گھوٽڪي سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ روز ماڻھو ڦرجن ۽ ڪسجن پيا.ڪو اهڙو ڏينهن نہ ٿو گذري جو ڏوھارين ھٿان ڪو شهري، گھر ، دڪان نہ لٽيو هجي پوءِ گهرو وزير طرفان امن امان ۾ بهتري جون ڳالهيون عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ برابر آهي.
0 تبصرے