English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ويجهو بااثرن جي مبينا حملي ۾ 5 ڄڻا زخمي، متاثرن جو ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي آڏو ڌرڻو
views
|
05th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
تماچي ڪولهي ڳوٺ ۾ نيڪالي ڏنل بابو پٽ ناٿو هٿياربندن سميت حملو ڪري 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ لڳ تماچي ڪولهي ڳوٺ ۾ ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھڙو، لٺين پٿرن ۽ لوهي سيخن جو آزاداڻو استعمال، هڪ ڌر جا 5 ڄڻا زخمي، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو، راڄ نيڪال ڏنل بابو پٽ ناٿو ڳوٺاڻن کي هسائي زوري وڏيرو ٿيڻ چاهي ٿو جيڪو کيس وڏيرو نٿو مڃي انهن تي تشدد ٿو ڪري، اسان تي هٿيار بند اڻي حملو ڪري 5 کان وڌيڪ ماڻهون زخمي ڪيا آهن پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران رڳو ميڊيڪل ڪرائڻ جو ليٽر ڏنو آهي، مڪيش ۽ جون صحافين سان ڳالهيون، تفصيل موجب ميمڻ ڳوٺ لڳ تماچي ڪولهي ڳوٺ ۾ ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھڙو ٿي پيو جنهن دوران لٺين پٿرن ۽ لوهي سيخن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جا 5 ڄڻا دانش، رميش، گڊو، الهيو ۽ هاشم سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حملي خلاف ڳوٺاڻن جي وڏي تعداد جن ۾ عورتون پڻ شامل هيون احتجاجي ريلي ڪڍي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهتا جتي ڌرڻو هڻي وهي رهيا سندن مطالبو هو ته حملو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي، ان موقعي تي ميمڻ ڳوٺ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران ميڊيڪل ڪرائن جو ليٽر جاري ڪيو احتجاج ڪندڙن ۾ شامل مڪيش ۽ ٻين ٻڌايو ته راڄ نيڪال ڏنل بابو پٽ ناٿو ڳوٺاڻن کي هسائي زوري وڏيرو ٿيڻ چاهي ٿو جيڪو کيس وڏيرو نٿو مڃي انهن تي تشدد ٿو ڪري، اسان تي هٿيار بند حملو ڪري ٿو گذريل ڏينهن صبح جو سوير بابو، هيرو، سنتوش سان گڏجي مزوري لاءِ ويندڙ ڳوٺاڻن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو جي نتيجي ۾ اسان جا 5 ماڻهون سخت زخمي ٿي پيا هڻن چيو ته بابو پٽ ناٿو ڳوٺ تي قبضي ڪرڻ لاءِ گذريل ڪيترن ئي وقت کان ڳوٺاڻن تي حملا ڪرائي ۽ ڪيس داخل ڪرائيندو رهيو آهي جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري امن امان قائم ڪيو وڃي ٻي طرف ملير هيومين رائيٽس تحريڪ جي اڳوڻ سنتوش ڪمار ڀيل، سندر ڪمار ۽ رميش ڪمار واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي انتظاميا تي زور ڀريو ته ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري امن قائم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Aug 2025
•
پاکستان
ورکرز ویلفیئر فنڈ کا کامیاب معرکہ حق سیمنار کا انعقاد اور جشن آزادی کے موقع پر پرچم کشائی
24th Aug 2025
•
شوبز
چیئرمین گڈاپ ٹاؤن طارق عزیز بلوچ کی جانب سے تقریب منعقد
21st Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گهڻن صوبن واري رٿا سنڌ جي بقا ءَ سلامتيءَ وحدانيت ۽ وجود تي وار
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ جيڪا هزارين ايڪڙ زمين ڏني آ اها واپس ڪئي وڃي: اياز لطيف پليجو
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ جي ڳوٺ لعل لنڊ آمد
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي جي سرڪاري اسڪول جي تعميراتي ڪم ۾ بدعنواني بي نقاب
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: قاسم ڊينم جي انتظاميا ۽ ٺيڪيدار خلاف پورهيتن جو احتجاجي مارچ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
تماچي ڪولهي ڳوٺ
0 تبصرے