ملير: شاهه لطيف ۾ ڀِت ڪِرڻ سبب دٻجي زخمي ٿيل عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي

رخسانه عرفاڻي جي هڪ ڄنگهه ضايع ٿي وئي، سندس مڙس غربت سبب سندس علاج ڪرائڻ کان قاصر

ملير: شاهه لطيف ۾ ڀِت ڪِرڻ سبب دٻجي زخمي ٿيل عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ۾ اڏاوت هيٺ ڀت جي ڪرڻ واري واقعي ۾ زخمي ٿيل عورت رخسانہ عارفاڻي سول اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي پيل آهي حادثي ۾ سندس هڪ ٽنگ ضايع ٿي وئي آهي ڄاڻايل عورت جو مڙس غلام حيدر عرف پپو عارفاڻي سائيڪل تي مڇي کپائي 6 ٻارن جو پيٽ گذر ڪندو آهي گهٽ آمدني سبب حادثي جو شڪار سندس گهرواري جي علاج ڪرائڻ کان لاچار آهي ان سلسلي ۾ زخمي عورت جي وارثن مڙس غلام حيدر عرف پپو عارفاڻي، ضمير عارفاڻي، محمد اقبال ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جي عورت حادثي ۾ شديد زخمي ٿي پئي آهي جنهن جي اڃان تائين ڪا به مدد ناهي ڪئي وئي جڏهن ته غريب پورهيت جي گهر ۾ غربت سبب فاقا ڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي هنن سنڌ حڪومت ۽ ملير جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته فوري طور تي زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي پيل رخسانہ عارفاڻي جي اخلاقي، مالي مدد ڪئي وڃي ۽ سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي