English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ شاهنواز شر ڳوٺ واسڻ عورت بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي وئي
views
|
29th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
حاڪم چنا ۽ سندس پٽ گھر تي حملو ڪري منهنجي مڙس غلام محمد شر ۽ پٽ کي ڪوڙي ڪيس ۾ بند ڪرائي ڇڏيو: ڪلثوم خاتون
ڪراچي (اعجاز چانڊيو) ڪراچي جي شاهنواز شر ڳوٺ جي رھواسڻ ڪلثوم خاتون پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بااثر ماڻهن منهنجي گهر تي حملو ڪري منهنجي مڙس ۽ پٽ کي منشيات جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي ۽ منھنجي ڀاڻج مور عرف مرلي کي حاڪم چنه ۽ ان جي پٽ ڪجھ بااثر ماڻھن جي سرپرستي ۾ اغوا ڪيو آهي، جنهن جو پنج ڏينهن گذرڻ باوجود به ڪوبه ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. هنن چيو ته ڀاڻج جي اغوا واري درخواست سچل ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪلثوم خاتون وڌيڪ چيو ته حاڪم چنا وارن سان شاهنواز شر ڳوٺ جي ڪاميٽي تي مسئلو ھلندڙ آھي. ھن ڳوٺ کي ٺاھڻ ۾ منھنجي گھر واري جو اھم ڪردار آھي. اسان کي حراسان ڪرڻ لاء حاڪم چنا ۽ سندس پٽ اسان جي گھر تي حملو ڪري منهنجي مڙس غلام محمد شر ۽ پٽ کي منشيات جي ڪوڙي ڪيس ۾ بند ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪلثوم خاتون الزام مڙهيندي چيو ته حاڪم چنا ۽ سندس پٽ اسان جي گهر تي حملو ڪري منھنجي ڀاڻج مور عرف مرلي کي اغوا ڪري کڻائي ويا اھن، جنهن جي سرپرستي شهاب صديقي. سرفراز لاکو. سچل اجن. اشفاق ناريجو. خادم راڄپر. پرويز راڄپر ۽ ٻيا ڪري رھيا آھن. اسان مٿان منشيات وڪرو ڪرڻ جا الزام بي بنياد آهن. اسان سالن کان شاهنواز شر ڳوٺ ۾ رهون ٿا. ھتان جو ھر ننڍو وڏو اسان جي ڪردار مان واقف آھن. هن الزام هنيو ته حاڪم چنا ۽ سندس پٽ پاڻي جي نالي تي ماڻهن کان پئسا گھريا ھيا جنهن تي منهنجي مڙس ۽ پٽ ان جي مخالفت ڪئي. جنهن تي هو اسان تي منشيات جا ڪوڙا الزام هڻڻ تي لھي اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ منھنجي ڀاڻج مور عرف مرلي کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن جنھن جو پنج ڏينهن کان ڪو ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ. وزير اعليٰ سنڌ. گهرو وزير. آءِ جي سنڌ. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي. ايس ايس پي اوڀر کان مطالبو ڪيو ته منهنجي ڀاڻج جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري منهنجي ڀاڻج کي بازياب ڪرائي بااثر ماڻهن کان اسان کي تحفظ ڏياريو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
تازہ ترین
تمام سرکاری اداروں میں شفاف طریقے سے خریداری اور خدمات کا حصول حکومت کی اولین ترجیح ہے، وزیراعظم
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محترم آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي توجهه لاءِ کليل خط
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
اسماعيل ڏاهري، سندس ڪٽنب ۽ حامين خلاف ڪارروائين پٺيان آصف علي زرداري جو هٿ آهي: حميده ڏاهري
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ سُڪي پئي، وفاق وري نوان ڪينال ٺاهي پيو وڃي: سنڌ حڪومت جو وفاق کي خط
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪلثوم خاتون
حاڪم چنا
ڪراچي
شاهنواز شر ڳوٺ
ڀ
0 تبصرے