عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ الهڏنو مهر ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ قائم

مينجمينٽ ڊيولپمينٽ فائونڊيشن پاران سي ڊبليو ايس اي جي سهڪار سان ڪيمپ لڳائي وئي

عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ الهڏنو مهر ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ قائم

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) مينجمينٽ ڊيولپمينٽ فائونڊيشن (MDF) پاران CWSA جي سهڪار سان PPAF جي ريسٽورنگ سوشل سروسز ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس پروجيڪٽ جي تحت عمرڪوٽ جي ڳوٺ الله ڏنو مهر ۾ هڪ مفت طبي ڪيمپ جو ڪامياب انعقاد ڪيو ويو، هن قدمن جو مقصد علائقي جي محروم آبادي کي بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ هو، ڪيمپ ۾ ماهر طبي عملي جي ٽيم مختلف خدمتون فراهم ڪيون، جن ۾ عام چيڪ اپ، مشورا ۽ صحت بابت ڄاڻ شامل هئي، هن ڪيمپ مان 200 کان وڌيڪ مقامي ماڻهو فائدو وٺي چڪا آهن، جن کي مختلف بيمارين جي علاج ۽ وسيلا فراهم ڪيا ويا، طبي مشاورت جي علاوه، ڪيمپ ۾ صفائي، خوراڪ ۽ احتياطي تدبيرون جهڙا موضوع تي ڄاڻ ڏيندڙ سيشن پڻ منعقد ڪيا ويا، جن جو مقصد ڪميونٽي کي بهتر صحت برقرار رکڻ لاءِ ضروري ڄاڻ مهيا ڪرڻ هو، پروجيڪٽ مينيجر عالمگير بلال چيو تہ صحت جي سهولتن تائين پهچ هر انسان جو بنيادي حق آهي ۽ اسين ضرورت مند ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ پرعزم آهيون" MDF، PPAF جي مشن تحت پنهنجي پروجيڪٽ جي علائقن ۾ هڪ صحت مند پاڪستان لاءِ ڪم جاري رکي رهي آهي، اڪثر مريضن ۽ اسٽيڪ هولڊرز PPAF ۽ MDF جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهڙيون خدمتون انتهائي ضروري آهن ۽ اهو هڪ صحتمند ماحول جي قيام ۾ مددگار ثابت ٿيندو.