ڊاون سنڊروم جي حامل ٻارن لاء جامع سپورٽ نيٽ ورڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو
ڪراچي: آڪٽوبر مهيني جي حوالي سان پاڪستان ڊائون سنڊروم ايسوسي ايشن (PDSA) پاران ڪراچي ۾ معذور ماڻهن جي بااختيارگي واري کاتي (DEPD) حڪومت سنڌ، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، ۽ سي بي ايم انٽرنيشنل جي سھڪار سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. هن سال جي موضوع "اسان جي سپورٽ سسٽم کي بهتر ڪريو،" تحت ڊاون سنڊروم جي حامل ٻارن لاء جامع سپورٽ نيٽ ورڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊاون سنڊروم ٻارڙن، والدين ۽ سماجي شخصيتن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. PDSA پاڪستان جي سرواڻ عابد لاشاري آيل مھمانن جي شرڪت ۽ سھڪار لاءِ شڪرگذاري جو اظهار ڪيو ۽ ڊاؤن سنڊروم ۾ مبتلا ٻارن جي بهتري لاءِ تنظيم جي عزم تي زور ڏنو. “PDSA کي ان مقصد لاءِ پنهنجي وابستگي لاءِ ڊائون سنڊروم انٽرنيشنل (dsi) ۽ ايشيا پيسفڪ ڊائون سنڊروم فيڊريشن (APDSF) جي ميمبر ۽ ملڪ جي نمائندي جي طور تي بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيڻ تي فخر محسوس ڪيو آهي ۽ اسان ٻارن جي زندگين تي بامعني اثر آڻڻ لاءِ ڪم جاري رکنداسين. اھڙو اظھار عابد لاشاري سيمينار ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته ذهني معذوري خاص ڪري ڊائون سنڊروم ٻارڙا عام با مقصد زندگي پنهنجي مخصوص انداز ۾ گذاري سگھن ٿا جيڪڏھن انھن کي بحالي جا موقعا ملي سگھن.سيمينار جي مهمان خاص طحٰه فاروقي، سيڪريٽري DEPD، سنڌ حڪومت پاران ذھني معذور ٻارن لاءِ شروع ڪيل قدمن جي حمايت ڪرڻ جي حڪومت جي عزم کي ورجايو. "DEPD کاتو ٻارن جي بحالي، بااختيار بڻائڻ، تعليم، ۽ مهارت جي ترقي لاء وسيلا مهيا ڪرڻ لاء وقف آهي. اسان PDSA جهڙين اين جي اوز جي قيمتي تعاون کي ساراهيون ٿا ۽ سنڌ ۾ ڊائون سنڊروم ۾ مبتلا ٻارن لاءِ اميد ۽ موقعا آڻڻ لاءِ انهن سان گڏ بيهڻ لاءِ پرعزم آهيون. سيمينار والدين ۽ متعلق ماڻھن ۽ ادارن لاءِ هڪ انمول پليٽ فارم مهيا ڪيو ته جيئن سپورٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ۽ شموليت کي وڌائڻ جي طريقن تي بحث ڪري سگھجي. شارق حسين صوبائي سيڪريٽري بينظير يوٿ اسڪل ڊوالپمينٽ کاتو، اقبال ڏيٿو چئرمين سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن، منور علي مٺياڻي ايم ڊي اسٽيوٽا، گھنور علي لغاري اڳوڻو ڪمشنر لاڙڪاڻو، طارق حسين چنڙ ۽ ٻين PDSA جي ڀائيوارن سڄي پاڪستان ۾ ڊائون سنڊروم وارن ماڻهن جي بهتري لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي اجتماعي عزم سان تقريب کي پڄاڻيءَ تي پهچايو.
0 تبصرے