سنڌ ۾ نيب جي ڪارروائي هميشھ تڏهن رهي آھي جڏهن وفاق حڪومت جي سنڌ بابت پاليسي تبديل ٿيندي آھي.مطلب ته سنڌ ۾ جڏهن به پيپلز پارٽي حڪومت کي دٻاء هيٺ آڻڻو آھي ته سنڌ ۾ احتساب جو عمل شروع ڪرايو ويندو.پوء اها وفاقي حڪومت عمران خان جي هجي يا مسلم ليگ نواز يا ماضيء ۾ مشرف جي حڪومت پڻ ھئي.نيب عدالتن جو سرگرم ٿي پوڻ کان نيب آفيسرز جو ايڪٽوو ٿيڻ پڻ مٿان وفاقي حڪومت جي پاليسيء جو حصو محسوس ٿيندو آھي.موجودھ صدر پاڪستان آصف علي زرداري،موجوده پيپلز پارٽيء جي مرڪزي اڳواڻ محترما فريال ٽالپر،وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ،موجوده صوبائي وزير علي حسن زرداري کان ويندي خود سنڌ اسيمبليء جي موجوده اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ ۽ پيلز پارٽيء جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ جو 2 سال جيل ۾ قيد ۾ رهڻ وارو سوال سياسي انتقام ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيء جي حڪومت پاران وفاق کان صوبائي حقن جي ڳالھ ڪرڻ واري موٽ جي ڄڻ ته ٻيو ڪجھ نظر ڪونه پيو اچي.جيڪڏهن ايئن نه هجي هاته اڄ سنڌ جو وڏو نيب وٽ بي ڏوهي ثابت ٿيو!!سندس خلاف انرجي پراجيڪٽ وارو ريفرنس نيب عدالت پڻ واپس ورتو.
پيپلز پارٽيء جي مرڪزي صدر موجوده پاڪستان جي عهدي تي ٻيهر ويٺل آصف علي زرداريء خلاف لڳايل الزام،سندس گرفتاريون ۽ ڪوڙا ڪيس غلط ثابت ٿيا ۽ ڪيس داخل ڪندڙ حڪومتي دور جا حڪمران خود شرمنده پڻ ٿيا.اهڙي نموني پيپلز جي عورت اڳواڻ محترما فريال ٽالپر جيڪا هن وقت پنهنجي پارٽيء جون واڳون سنڀاليون ويٺي آھي،جي گرفتاريء کان ويندي سيد خورشيد احمد شاھ جي گرفتاريء تائين سواء پيپلز پارٽيء کي سياسي دٻاء ۽ صوبائي ترقياتي ڪمن ۽ وفاقي حڪومت جي سياسي مداخلت جي ڪجھ به نظر ڪونه آيو آھي.
جيتري نيب جي اداري ۽ نيب جي عدالتن ۾ ڪرپشن لٽ مار ۽ گرفتارين جي ڳالھ ڪئي وئي آخري نتيجا ان جي ابتڙ پڻ نڪتا.!! خاص طور سنڌ صوبي ۾ عام طور ملڪ ۾ احتساب جي لڙ دٻاء ۽ وٽ پڪڙ جي جيڪا ڳالھ ٿي ان ۾ ڪيترائي عزتدار اجاين الزامن هيٺ آيل سياسي ڪردار ۽ سرڪاري ڪامورا اجائي ڊڄ ۾دل جي دورن ۽ موت جو شڪار پڻ ٿيا ڪي گرفتارين کان اڳ ته وري ڪي گرفتارين بعد.سياسي انتقام کان ويندي ڪرپشن جي پراڏن جي بنياد تي ٿيندڙ انتقامي ڪارروايون نيب ذريعي اهي نتيجا اڃان تائين ناهن ڏئي سگهيون جن جو ذڪر ۽ پراڏو وڏي دهل جي ڏونڪي تي ٿيو پئي.ان ڳالھ جو ڇيد ان مان نڪري ٿو ته ڪرپشن جا الزام ۽ ڪيس اربين روپين جا ٿيا ان جي ريڪوري بلڪل به ڪروڙن۾ به نه ٿي سگهي.
سنڌ ۾ انرجي اينڊ پاور جي نالي تي منصوبا هجن جيئن نوري آباد پاور پراجيڪٽ کان ويندي زرعي ترقياتي ڪمن ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي جيڪا به رفتار جڏهن به سنڌ ۾ تيز ٿي آھي ان پويان ڪرپشن جي واويلا ۽ نيب جو متحرڪ ٿي پوڻ ڄڻ ته لازمي قرار ڏنل آھي.جڏهن ته اهڙي قسم جا ڪم ۽ سياسي معاملا ٻين صوبن ۾ به آھن پر اهڙيون ڪارروايون گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ٿين ٿيون.پاڪستان پيلز پارٽيء جي اجائي وڪالت کان جيڪڏهن حقيقي بنيادن تي سوچجي ٿو ته اهو احتساب جو اجايو نعرو فقط سنڌ ۾ آھي پر ان احتساب جا نتيجا ڪي بهتر نتيجي طور سامهون ناهن آيا.سواء ان جي ته سياسي انتقام ۽ لٽ مار ۽ ڪرپشن جي نالي جي ڪرپشن تي ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ صوبائي ادارتي ۽ عوامي ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ٻيو ڪو جوڳو ڪم ٿيو آھي ته ان جا انگ اکر عوام جي سامهون اچڻ کپن.ان ڪري هاڻي نيب جهڙين عدالتن کان ويندي نيب اداري جي ڪيترين ئي ڪاررواين تي آڱريون کڄي رهيون آھن.
هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي مجموعي طور سنڌ ۾ سورنهن سالن کان وٺي مسلسل ڪم ڪري رهي آھي ۽ انهن سورنهن سالن اندر نيب جهڙو ادارو وڏو سرگرم ٿي مختلف وقتن تي ڪارروايون جيڪي حقيقي ۽ ڪي اجايون به جن جو بعد ۾ ڪو بڻ بنياد به نظر نه آيو پڻ ڪري چڪي آھي ۽ ڪري رهي آھي.جنهن بابت قومي اسيمبليء کان ويندي مختلف صوبائي اندر بحث به ٿيا آھن.جيڏا الزام ۽ ڪيس ظاهر ڪيا ويا ۽ انهن جي زد ۾ سياستدان،وزير ڪبير،وا وزير ۽ سياسي اڳواڻ سميت سنڌ جا سرڪاري عملدار آيا آھن سي پڻ نيب جي تاريخ جو ريڪارڊ آھن.پر انهن الزامن ۽ ڪيسن کان پوء ڪارگذاريء جي بنياد تي ڪيتري قومي خزاني ۾ ريڪوري ٿي سا به پڻ سواليه نشان طور سامهون آھي.
هاڻي به پاڪستان پيپلز پارٽيء جي قيادت ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي قيادت ۾ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين سبب آيل نقصان کي ازالي طور ڪور ڪرڻ لاءجيڪي به 2018 کان 2030 وار زرعي پاليسيء تحت منصوبا هلايا آھن ۽ هاڻي هارين جي مدد لاء جيڪو بينظير هاري ڪارڊ،سولر ٽرالي پروجيڪٽ کان ويندي ڪچن گارڊن سميت زرعي مشينريء جو سبسڊي جي بنياد تي پوريء سنڌ ۾ آبادگارن ۽ هارين تائين رسائي پڻ زرعي ترقياتي ڪمن ۾ وڏي دلچسپي آھي.ان سلسلي جي تڪڙن بنيادن تي جيئن ئي ڪارگذاري بهتريء طرف گامزن ٿي رهي آھي ته نيب کي پراڻا ڪرپشن ڪيس ۽ اتي ٿيندڙ ڪرپشن ياد آئي آھي ۽ ايئن تاثر ملي رهيو آھي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌو نديء تي اڏجندڙ نووان ڪئنال جن جي مخالفت سنڌ حڪومت زور شور سان ڪئي آھي تيئن نيب عدالت سنڌ ۾ زراعت کاتي جي آفيسرز کي نشاني تي ورتو آھي.اهڙين ڪاررواين سان سامهون ٿي اچڻ سواء ڪنهن سياسي انتقام ۽ صوبائي۽ ادارتي ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽ جي ٻيو ڪجھ به ناهي.اسان اميد ٿا ڪيون ته سنڌ ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي صوبائي معاملن ۾ صوبائي ۽ ادارتي ترقيء واري ڪمن کي جاري وساري رکي نيب جهڙي ادارن جيڏاجائي مداخلتن ۽ رڪاوٽن کي اسيمبلي فلور تي کڻي ايندي.
سنڌ جي صوبائي حقن واري چارٽر تحت سنڌ حڪومت ۽ خودپيپلز پارٽي قيادت جيڪا پڻ سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آھي پنهنجي عوامي پاليسين ۽ صوبائي ادارن جي ترقيء واري عوامي رفتار کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ سياسي دٻاء جي انتقام جي جاري ساري رکي.وفاقي ادارن خاص طور تي احتسابي ادارن يا خود سنڌ جي ناڻي واري ورڇ کان ويندي ارسا ايڪٽ تحت نه ٿيندڙ ڪمن جي آئيني ،قانوني ۽ پارلياماني فلور تي کڻي صوبائي ۽ عوامي نمائيندگي ڪندي ته پڻ سندس جي سياسي،عوامي ۽ حڪومتي ساک بهتر رهندي.ان لاء سنڌ حڪومت جي سياسي قيادت ڪندڙ پيپلز پارٽيء جي قيادت کي کپي ته هو وفاقي حڪومت جيڪا پڻ پارليامينٽ جي فلور تي سندس اتحادي آھي جي ڀرم کان ٻاهر نڪري صوبائي حقن جي ڳالھ ڪرڻي پوندي.
نيب جو ماضي ٻڌائي ٿو ته نيب جو ماضي ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ نيب کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو سوپڻ وقت سر ڪونه ٿيو.جيڪا نيب کي ڪار گذاري عوام آڏو رکڻي هئي سا پڻ سامهون ناهي اچي سگهي.انهن مٿين سڀني ڳالهين کي سامهون رکي جڏهن ادارتي بنيادن تي نيب جي ڪارگذاري سنڌ ۾ ڏسون ٿا سا پڻ ڪنهن ساراھ جوڳي نظر ناهي آئي.
0 تبصرے