انساني حقن جي ڪارڪن نرگس محمدي 21 اپريل 1972ع تي پيدا ٿي. هوءَ انساني حقن جي تنظيم(DHRC) جي نائب صدر هئڻ سان گڏ ايران جي پهرين نوبل انعام يافتہ عورت پڻ آهي. نرگس محمدي مجموعي طور 19 هين عورت آهي جنهن کي نوبل انعام سان نوازيو ويو. ايران ۾ کيس 31 مهينا قيد ۽ 154 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي, جنهن ۾ 15 مھينن جي سزا فيبروري 2024ع ۾ وڌائي وئي. 52 سالن جي نرگس محمدي کي ايران ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف جدوجهد ڪرڻ تي کيس نوبل انعام سان نوازيو ويوهو. ڊسمبر 2023ع ۾ نوبل انعام ڏيڻ وقت هو ايران ۾ ئي قيد هئي ، جنهنجو اهو ايوارڊ سندس جاڙن ٻارن ناروي جي گاديءَ جي هنڌ اوسلو ۾ وصول ڪيو. کيس اها سزا ايران جي حڪومت خلاف ڳالهائڻ جي ڪري ڏني وئي آهي. انکان پهريان بہ نرگس محمدي کي 13 دفعا گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس سزائون پڻ ٻڌايون ويون. نرگس محمدي کي ايران جي بدنامہ زمانہ جيل "اوين" ۾ قيد ڪيو ويو آهي، جتي اڪثر ٻاهرين ملڪن جي سزا يافتہ قيدين کي رکيو ويندو آهي. ڪجھ ڏينھن پهريان نرگس محمديءَ هڪ قيدي کي ڦاسيءَ جي سزا خلاف جيل جي اندر سخت قسم جو احتجاج ڪيو ۽ کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيو.
آچر وري ڏينهن جيل ۾ سندس طبيعت ناساز ٿي پئي جنهنڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. نرگس محمدي جي حق ۾ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن ان ڳالھ تي زور ڀريو آهي تہ کيس انساني بنيادن تي آزاد ڪيو وڃي تہ جيئن هو پنهنجو مڪمل علاج ڪرائي سگهي. ايسوسي ايٽڊ پريس مطابق کيس قيد دوران علاج جون ڪي بہ سهولتون ميسر نہ آهن نہ ئي ڪا خاطر خواھ سار سنڀال آهي جنهنڪري نرگس محمدي کي ڪافي بيماريون ٿي پيون آهن. آچر واري ڏينهن کيس دل ۾ شديد قسم جي تڪليف ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتي سندس ڪافي ٽيسٽون اڃا بہ جاري آهن. ڊاڪٽرن شروعاتي طور کيس دل جي شريانن ۾ تڪليف جو ٻڌايو آهي. کيس ايران م عورتن جي حق ۾ ڳالهائڻ سبب هڪ سگھارو آواز سمجهيو پيو وڃي. انساني حقن سان واسطو رکندڙ تنظيمن ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو واضع ڪيو تہ هن کي ڪافي مهينن کان دل ۾ تڪليف جو عارضو آهي پر هن کي علاج معالجي جي ڪابہ سهولت نہ ڏني وئي. نرگس محمدي کي 2022ع ۾ سزا ٻڌائڻ کانپوءِ 2024ع ۾ کيس وڌيڪ سزا ٻڌائي وئي جنهن تي ايراني حڪومت ان سزا کان لاتعلقي ڏيکاري آهي. هڪ برطانوي سماجي ڪارڪن عورت نازنين زاغري ريٽڪلف جيڪا تهران جي ايون جيل ۾ نرگس محمدي سان سزا ڪاٽي رهي هئي ان سندس جدوجهد کي ساراهيندي ٻڌايو تہ هن جيل جي اندر رهي بہ ڪافي قيدي عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو جنهنڪري ڪافي عورتن جي رهائي ممڪن ٿي. بعد ۾ ان برطانوي صحافي کي پڻ آزادي ملي هئي جنهن جو سڄو ڪريڊٽ هو نرگس محمدي کي ڏئي ٿي.ياد رهي تہ سيپٽمبر 2022ع ۾ ايران ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور احتجاج ڪيا ويا هئا. جنهن کانپوءِ کيس پڪڙي ڪيس هلائي سزائون ٻڌايون ويون هيون.
0 تبصرے