پاڪستان جي معيشت جي تاريخ 1947ع کان 2023ع تائين جو سفر

نگھت سلطانه

پاڪستان جي معيشت جي تاريخ 1947ع کان 2023ع تائين جو سفر

پاڪستان جي آزاديءَ کان وٺي ان جي معيشت جو سفر ڪاميابين ۽ مشڪلاتن سان ڀريل آهي، جنهن ملڪ کي مضبوط معيشت جي تعمير لاءِ ڪيترين ئي اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن کي مونھن ڏيڻو پيو ٿو. هن تجزيي ۾ 1947ع کان 2023ع تائين پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (GDP) جي واڌ ويجهه ۽ ان جي معيشت تي اثر انداز ٿيندڙ اهم واقعن ۽ رجحانن جو جائزو وٺنداسين. شروعاتي سال (1947 کان 1960) ابتدائي چئلينجن سان مونھن ڏنو جيڪو 1947ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان کي تمام گهڻين اقتصادي مشڪلاتن کي مونھن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ ورهاڱي سبب وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ، صنعتي بنيادن جي کوٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي شديد کوٽ شامل ھيو، ان مرحلي دوران معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ بنيادي صنعتن جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو ۽ اقتصادي پاليسيون جنھن ۾ حڪومت امپورٽ سبسٽيٽيوشن پاليسين کي لاڳو ڪيو، جنهن جو مقصد صنعتي ترقي ڪرڻ ۽ ڪپڙي، زراعت، ۽ ننڍين صنعتن کي فروغ ڏيڻ هو، جيتوڻيڪ، وسيلا ۽ انفراسٽرڪچر جي کوٽ سبب معيشت ۾ واڌ ويجهه محدود حد تائين رهي انکاپوء ٻيو مرحلو تيز واڌ جو دور ھيو جنھن ۾ (1960ع کان 1970ع) تائين سبز انقلاب (Green Revolution) 1960ع جي ڏهاڪي دوران پاڪستان ۾ تيز ترين معاشي واڌ جو دور رهيو، جنهن کي "ترقي جو ڏهاڪو" به چيو ويندو آهي، هن دور ۾ زرعي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو، جيڪو اعليٰ معيار وارا فصل ۽ بهترين زرعي طريقا استعمال ڪرڻ جي ڪري ممڪن ٿيو، جنھن ۾ حڪومت صنعتي وسعت پاليسي حڪومت صنعتڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ سازگار پاليسيون جوڙيون، جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪاري وڌي ۽ وڏن صنعتن جي قيام کي هٿي ملي، هن عرصي ۾ پاڪستان جي سراسري GDP واڌ ويجهه 6 کان 7 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي، حڪومت اقتصادي مشڪلاتون ۽ جمود (1970ع کان 1980ع) تائين قوميائي پاليسيون متعارف ڪرايون 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان کي اقتصادي چئلينجن سان منهن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) جو ٽٽڻ شامل هئا، ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت قوميائي پاليسين تي عمل ڪيو، جنهن سان صنعتي پيداوار ۽ خانگي شعبي جو اعتماد متاثر ٿيو جنھن ۾ جمود واري واڌ جو هي ڏهاڪو پاڪستان جي معيشت لاءِ جمود وارو ڪارو دور ثابت ٿيو، جنهن دوران صنعتي پيداوار ۾ واضح گهٽتائي آئي ۽ سراسري GDP واڌ ويجهه 3 کان 4 سيڪڙو جي ويجهو رهي. اقتصادي بحالي جي ڪوششن کي سياسي عدم استحڪام ۽ پاليسي جي تضادن سبب نقصان پهتو انکان پوء بناوتي اصلاحن جو دور شروع ٿيو جيڪو (1980ع کان 1990ع) لبرلائزيشن ۽ اصلاحن جو آغاز 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان عالمي مالياتي ادارن (IMF) ۽ عالمي بئنڪ جي مدد سان لبرلائزيشن ۽ بناوتي اصلاحن جو آغاز ڪيو، جنهن جو مقصد معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، مالياتي خسارن کي گهٽائڻ، ۽ خانگي شعبي کي هٿي ڏيڻ هو انھن جي نتيجن ۽ اصلاحن سان معيشت ۾ ڪجهه استحڪام آيو، پر GDP جي واڌ ويجهه ۾ مستقل تبديلين جا نتيجا نظر نه آيا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان تي خارجي قرضن جو بار ۽ سياسي، سماجي چئلينجز موجود هئا انکاپوء پابنديون ۽ بحالي جو دور شروع ٿيو جيڪو (1990ع کان 2000ع) تائين جوهري پابنديون لاڳو ٿي ويون جيڪو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان کي 1998 جي جوهري ٽيسٽن کانپوءِ اقتصادي پابندين جو منهن ڏيڻو پيو، جنهن جي ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ۽ اقتصادي اڪيلائي پيدا ٿي ان دوران بناوتي اصلاحن جي ڪوشش ٿي ان عرصي ۾ حڪومت اسٽيٽ-اونڊ انٽرپرائزز کي خانگي ڪرڻ ۽ مالياتي شعبي ۾ اصلاحن جي ڪوشش جاري رکي، جنهن سان 1990 واري ڏهاڪي جي آخر تائين اقتصادي بحالي جي بنياد رکي وئي انکاپوء پرويز مشرف جو دور ۽ معاشي بحالي جو دور ڪري کيو ويو جيڪو (2000ع کان-2008ع) اقتصادي بحالي ان وقت پاڪستان جي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان ۾ اقتصادي بحالي جو دور شروع ٿيو، جنهن ۾ مالي شعبي ۾ نمايان اصلاحن، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو، ۽ مضبوط اقتصادي پاليسين جو اطلاق ڪيو ويو جنھن ۾ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري حڪومت جي وڏين سيڙپڪاري منصوبن ۾ هاءِ ويز، پورٽ، ۽ توانائي جا منصوبه شامل هئا، جن سان اقتصادي واڌ ويجهه ۾ بهتري آئي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو. انکاپوء عالمي مالي بحران ۽ ان جا اثر (2008ع کان 2018ع) اقتصادي سستي 2008ع جو عالمي مالي بحران پاڪستان جي معيشت تي اهم اثر وجهي ويو جنهن سان واڌ ويجهه ۾ گھڻي مقدر ۾ سستي پيدا ٿي. مهانگائي، توانائي جي کوٽ، ۽ سلامتي جا مسئلا معاشي مشڪلاتن ۾ وڏي تعداد ۾ اضافو ٿيو ۽ بناوتي چئلينجن سان مونھن ڏيڻو پيو جنھن ۾ آء آيم آيف (IMF) جي پروگرامز ۽ اصحلاحن سان معشيت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ جي ڊي پي (GDP) کي وڌائڻ ھيو جنھن ۾ 3 کان 5 سيڪڙو جي وچ ۾ رھي انکاپوء جديد رجحان ۽ حالتون (2018ع کان 2023ع) تائين اقتصادي اصلاحن تي ڌيان ڏيون، حڪومت اقتصادي اصلاحن، ڪاروباري ماحول کي بهتر ڪرڻ ۽ مالي خسارن کي مونھن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو. چين-پاڪستان اقتصادي راھداري (CPEC) جهڙا منصوبا انفراسٽرڪچر ۾ ترقي ۽ اقتصادي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا ان وچ ۾ ھڪڙي وبا 2019ع ۾ ڪرونا وائرس (COVID 19) پاڪستان جي معيشت تي خطرناڪ حد تائين وڏو اثر پيو، GDP ۾ گهٽتائي ۽ مالي خسارن ۾ اضافو ٿيو ان باوجود، 2021-2022 ۾ زراعت ۽ خدمتن واري شعبي جي بحالي سان معيشت ٻيهر مضبوطي ڏيکاري، پاڪستان جي GDP واڌ ويجهه ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران نمايان تبديلين سان ڀريل رهي آهي پاڪستان جي GDP واڌ ويجهه جي تاريخ ڪيترن ئي اهم تبديلين مان گذري آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ صنعتي پيداوار ۽ زرعي ترقي جي بدولت واڌ جي شرح 6-7٪ فيصد تائين رهي پر 1970ع ۾ قوميائي پاليسين ۽ سياسي عدم استحڪام سبب اها شرح گهٽجي ٪3 کان4٪ فيصد تائين اچي وئي. 1980ع ۾ ساختي اصلاحن سان گڏ واڌ جي شرح 5-6٪ فيصد تائين رهي، جڏهن ته 1990ع ۾ بحالي ۽ جمود جي دور ۾ واڌ جي شرح ٪ 4 کان5 فيصد جي وچ ۾ محدود ٿي وئي. 2000ع ۾ مشرف جي دور ۾ واڌ جي شرح بلند ٿي 7-8٪ فيصد تائين پهتي، جڏهن ته 2010ع ۾ عالمي مالي بحران ۽ ٻين چئلينجن جي ڪري GDP واڌ ويجهه گهٽجي 3-5٪ فيصد تائين محدود ٿي وئي. 2018 کان 2023 تائين، پاڪستان جي معيشت کي ڪيترن ئي اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو. 2018-2019 ۾ اقتصادي توازن ۽ ساختي اصلاحن سبب واڌ ۾ وڏي انگ ۾ سستي ٿي. 2020 ۾ COVID-19 جي وبا سبب GDP ۾ گهٽتائي آئي، جڏهن ته 2021-2022 ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبي ۾ بحالي سان واڌ جي شرح ٻيهر ٪ 4-5 فيصد تائين وڌي وئي ان جو نتيجو اھو نڪتو ته پاڪستان جي اقتصادي تاريخ 1947 کان 2023 تائين ان چئلينجن سان مونھن ڏيڻ ۽ تبديلين کي اختيار ڪرڻ جي صلاحيت جو ثبوت آهي. GDP جي واڌ ويجهه تي مختلف عنصرن، جهڙوڪ سياسي تبديليون، عالمي اقتصادي رجحانن ۽ داخلي پاليسي جا فيصلا اثرانداز ٿيا آهن. مستقبل ۾، اقتصادي ترقي لاءِ ساختي اصلاحن کي جاري رکڻ، انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري، ۽ خارجي چئلينجن جو مؤثر انتظام اهم هوندو. ngt.afridi@gmail.com