English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان “ قومي ٻوليون ڪانفرنس” ڪوٺائڻ جو فيصلو
149 views
|
30th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ڊسمبر ۾ “قومي ٻوليون ڪانفرنس”ڪوٺائي ويندي،سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، مسئلن ۽ مشڪلاتن جو جائزو ورتو ويندو: فيصلو
ڪراچي (رپورٽر)انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي طرفان " قومي ٻوليون ڪانفرنس" ڪوٺائڻ جو فيصلو. اھڙو فيصلو گذريل ڏينھن انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي ماهوار اجلاس ۾ ڪيو ويو جيڪو ڪراچي جي صدر سيد ڪرم علي شاهه "ڪرم" جي صدارت ھيٺ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ انجمن سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو خصوصي طور شرڪت ڪئي. جڏھن ته علي محمد ميمڻ جنرل سيڪريٽري، نعيم شيخ جوائنٽ سيڪريٽري، لياقت علي عباسي پريس سيڪريٽري، وليم صادق، پروفيسر مشتاق مهر به شريڪ ٿيا.اجلاس ۾فيصلا ڪيا ويا ته انجمن ڪراچي طرفان ڊسمبر ۾ ڪراچي ۾" قومي ٻوليون ڪانفرنس"ڪوٺائي ويندي جنهن ۾سنڌي ٻوليء جي فروغ ۽ ترقي ۽ مسئلن ۽ مشڪلاتن جو جائزو ورتو ويندو ۽ پاڪستان جي قومن جي قومي ٻولين سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي کي رياست ۽ حڪومت طرفان قومي ٻوليون قرار ڏيارڻ لاء جاڳرتا مهم هلائي ويندي.اجلاس ۾ سيڪريٽري علي محمد ميمڻ آگاهه ڪيو ته قومي ٻولين وارو بل چئني صوبن جي دانشورن، اديبن، صحافين، علمي ۽ فڪري ادارن جي سالن جي ڪاوشن ۽ سهڪار سان تيار ڪيو ويو ۽2017ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مدد سان اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي حڪومت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرايو ويو. اهو بل سينيٽ ۾ منظور ڪيوويو پر قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن طرفان قومي ٻولين واري بل کي تبديل ڪري علائقائي ٻوليون قرار ڏيئي افسوسناڪ عمل ڪيو ويو. انجمن طرفان مطالبو ڪيو ويو ته قومي ٻولين جي بل کي قومي اسيمبلي مان پڻ اصل حالت ۾ منظور ڪيو وڃي.ملڪ جي سمورين قومن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ۽ انهن جي ترقي ۽ مادري ٻولين جي ترقي ۽ تعليم لاء وڌ ۾ وڌ قدم کنيا وڃن ۽ قومي اسيمبلي مان پڻ چئن قومي ٻولين واري بل کي سينيٽ واري بل مطابق منظور ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ قومي ٻولين کي سرڪاري طور تي رائج ڪيو وڃي.اجلاس ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان جي روح روان ۽ مرڪزي آرگنائيزر راحت سعيد جي ڊگهي علالت سبب لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس پيش ڪيو ويو کيس ڀيٽا ڏيڻ لاء 2 منٽ خاموشي اختيار ڪئي ويئي ۽ مرحوم جي انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان لاء ڊگهي عرصي تائين اڳواڻ جي حيثيت ۾ مثالي خدمتن ۽ خاص طور تي انجمن تقي پسند مصنفين ڪراچي کي متحرڪ ڪرڻ ۽ سندس سرپرستي حاصل هئڻ کي ڪراچي تنظيم لاء وڏو اعزاز قرار ڏنو ويو ۽ مرحوم کي سندس شاندار ڪردار تي زبرست لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي ويئدي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊسمبر
قومي ٻوليون ڪانفرنس
انجمن ترقي پسند
انجمن ترقي پسند مصنفين
ڪراچي
0 تبصرے