پولينڊ جو 10 رڪني وفد موهن جو دڙو پهتو، اسٽوپا، گريٽ باٿ ۽ ٻين قديمي آثارن جو دورو

هتي اچي ۽ قديمي ماڳ گهمي گهڻي خوشي ٿي رهي آهي: پرڏيهي وفد

پولينڊ جو 10 رڪني وفد موهن جو دڙو پهتو، اسٽوپا، گريٽ باٿ ۽ ٻين قديمي آثارن جو دورو

موهن جو دڙو(رپورٽر)موسم بهتر ٿيڻ سبب پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو.سڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي پولينڊ جو 10 ڄڻ جو پرڏيهي سياحن جو وفد مس ريٽا جي اڳواڻي ۾ موهن جي دڙي تي پهتو،جڏھن ته پولينڊ جو پرڏيهي سياحن جو وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايرياز ميوزيم سميت ٻين قديمي آثارن جو پڻ دورو ڪيو.پولينڊ جي پرڏيهي سياحن جي وفد کي موهن جي دڙي بابت ارشاد سولنگي قديم آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ھوڏانهن پولينڊ جي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ مس ريٽا جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو کي ڏسي ڪري تمام خوشي ٿي آھي هتان جا ماڻھو تمام محبتي آھن.موهن جو دڙو تمام خوبصورت آھي.هتان جي ماڻھن اسان کي تمام محبت ڏني آھي.هن چيو ته موهن جو دڙو ڪتابن ۾ پڙھيو هيو اڄ هتي اچي ڪري سامهون موهن جي دڙي کي ڏسي تمام خوشي ٿي آھي.هوڏانهن پرڏيهي سياحن جي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.