ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قيدين جي شڪايتن تي سب جيل جو دورو ڪري قيدين کي ملندڙ کاڌو ۽ پاڻي چيڪ ڪيو
عمرڪوٽ (ڊ ر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران قيدين جي شڪايتن تي سب جيل عمرڪوٽ جو دورو، تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران قيدين جي شڪايتن تي سب جيل عمرڪوٽ جو دورو ڪري قيدين کي ملندڙ کاڌو ۽ پاڻي چيڪ ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جو نظام پڻ چيڪ ڪيو، ان موقعي تي ھن قيدين کي ملندڙ ماني پاڻ کائي چيڪ ڪئي، جڏھن ته قيدين کي ملندڙ کاڌو ۽ پاڻي بھتر نہ ھجڻ ڪري سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سب جيل عمرڪوٽ جي جيلر کي ھدايت ڪندي چيو تہ قيدين کي ماني سپلائي ڪندڙ ڪانٽيڪٽر کي فوري طور تي ٻڌڻي لاءِ طلب ڪيو وڃي، ان موقعي تي ھن انتظاميه کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو تہ قيدين کي جيل جي اندر بھتر کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ خاص طور تي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي.
0 تبصرے