English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ جي باني ۽ ناليواري فنڪاره جيجي زرينا بلوچ جي 19هين ورسي ملهائي وئي
views
|
25th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن جيجي زرينا بلوچ جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري ڀيٽا پيش ڪئي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادر سنڌ جيجي زرينہ بلوچ جي 19ھين ورسي جي موقعي تي . حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، خادم سمون، آغا عباس، نذير بليدي، رب ڏنو ملڪ، بابو ميمڻ، رفيق ڪنراڻي، معشوق چانڊيو، انور عمراڻي، الطاف ناگراج، ياسر ابڙو، مھراڻ حب، غلام نبي سومرو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، صبا سمون، شائسته ابڙو، سونھن ابڙو، رخسانه بھلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاسم آباد ۾ علمدار چوڪ ڀرسان مزار تي پھچي اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙھي جيجي زرينہ بلوچ جي جدوجھد تي ڳالھائي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو تہ جيجي زرينه بلوچ پنهنجي گيتن وسيلي سنڌ ۾ سجاڳيءَ جو پيغام ڏنو، قومي ڪاز ۾ ھُوءَ ھميشہ اڳڀري رهي. جيجي زرينه بلوچ ضياءَ جي مارشلا دور ۾ سختيُون برداشت ڪيون ، لانگ مارچن کان ويندي سنڌ جي بقا لاء ٿيندڙ احتجاجن مظاھرن ۾ اڳيان اڳيان رھي ، سنڌياڻي تحيڪ جي قيادت ڪئي. جيجي زرينہ قومي ۽ طبقاطي جدوجھد ۾ روح ڦوڪڻ سان گڏ سنڌي سھرن کي بہ نئون روپ ڏنو جيڪي اڄ تائين گونجن ٿا. سنڌياڻي تحريڪ جي وجُود سندس ڪاوشُن جو نتيجو آھي، ھُوءَ ھڪئي وقت استاد بہ ھئي، قومي فنڪاره، اديب ، ليکڪا بہ ھئي، جيجي هميشه لاء امُر ٿي وئي ۽ سندس يادُون هميشه ياد رهنديُون. اڳواڻن چيو تہ جيجي زرينه بلوچ پنھنجو تسلسل اياز لطيف پليجو جي روپ ۾ ڏئي وئي آھي، جيڪو جيجي زرينه جو لخت جگر آھي ۽ سنڌي قوم کي بيدار ڪرڻ ۾ رڌل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌياڻي تحريڪ
فنڪاره جيجي زرينا بلوچ
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے