هاڻي سنڌ جي عوام فيصلو ڪندي ته سنڌ دشمن ڪير آهي: پي ٽي آئي سنڌ جو صدر
سجاول (گلشيرميربحر ) صدر آصف علي زرداري ارسا ايڪٽ تي صحيح ڪري سنڌ جي عوام سان ڌوکو ڪيو آهي ، هاڻي سنڌ جي عوام فيصلو ڪندي ته سنڌ دشمن ڪير آهي اھڙي خيالن جو اظهار پي ٽي آئي سنڌ جو صدر حليم عادل شيخ گذريل ڏينهن سجاول پهچي پي ٽي آئي ضلع سجاول جو جنرل سيڪريٽري ديداردانش پٺاڻ جي سندس والد جي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته پاڪستان ۾ آئيني ۽ جهموريت حڪومت ڪٿي آهي. موجوده حڪومت فارم 47 جي پيداوار آهي جيڪا نااهل، ناڪام ۽ غيرآئيني حڪومت آهي جنهن جي ڪري غيرآئيني طريقي سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي جنهن عملن سان جنهن سوراخ ۾ ڏنگيو ويو هو اڄ ان جي سوراخ کي ڀٽي جو پوٽو به انهن ئي عملن سان کولي رهيو آهي هن وقت پيپلز پارٽي پنهنجي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي آئين کي لوٽا ڪريسي، ظلم، بربريت ۽ تشدد ذريعي دفن ڪرڻ چاهي ٿي. آئون سمجهان ٿو ته اڄ ملڪ جي جيڪا صورتحال آهي اها انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ تمام ڳمڀير آهي. جنهن ۾ پيپلز پارٽي به شامل آهي. حليم عادل شيخ چيو ته هي سڀ چور آھن آئيني ترميم ۾ ماڻهن کي اغوا ڪري ووٽ چوري ڪيا ۽ جيڪي قائداعظم کي زيارت ڪرائڻ ويا هئا، اڄ ان ئي قسم جي سياست عمران خان کي اڊيالا جيل ۾ کڻي وئي آهي، 77 سال گذرڻ بعد پاڪستان اڄ به خطري ۾ آهي هن چيو ته مولانا سان رابطي ۾ آهيون اسان پنهنجي باني عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن به مولانا سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ چيو. هن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪڍي سنڌ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي اهو مسئلو پي ٽي آئي صدر عارف علوي وٽ آيو هو جنهن صحيح ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته مان اهو ظلم سنڌ واسين سان نٿو ڪري سگهان اهو سنڌ جي عوام سان ناانصافي آهي پر پيپلز پارٽي جو صدارتي هائوس ۾ ڪرسي تي ويٺل شخص 6 ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي هاڻي سنڌ جي عوام فيصلو ڪندي ته سنڌ دشمن ڪير آهي هن چيو ته سنڌو درياءَ بچاءُ تحريڪ ارساايڪٽ تحت جي خلاف اسان 11 جماعتون گڏ آھيون اسان سنڌوءَ نديءَ تي ڌاڙو هڻڻ ڪڏھن به ڪانه ڏينداسين.
0 تبصرے