ٺٽو: سنڌو دريا بچايو تحريڪ جو مارچ ٺٽي پهتو، اڳواڻن پاران مزاحمتي تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان

ٺٽو: سنڌو دريا بچايو تحريڪ جو رواداري مارچ ٺٽي پهچڻ تي جلسي ۾ تبديل

ٺٽو: سنڌو دريا بچايو تحريڪ جو مارچ ٺٽي پهتو، اڳواڻن پاران مزاحمتي تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان

ٺٽو: سنڌو دريا بچايو تحريڪ جو رواداري مارچ ٺٽي پهچڻ تي جلسي ۾ تبديل، مختلف سياسي اڳواڻن پاران سنڌو دريا تي ڪئنالن ۽ بئراجن جي تعمير سميت ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي رد ڪندي مزاحمتي تحريڪ وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان، رواداري مارچ کي ٺٽي ۾ خطاب ڪندي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙي جو ذميوار پيپلزپارٽي حڪومت کي قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ ۽ سنڌ جي ماڻھن جو استحصال ڪرڻ جي صورت ۾ سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻ جو پيغام ڏيئي ڇڏيو

ملير ڪراچي مان نڪتل سنڌو دريا بچايو تحريڪ جو بيداري مارچ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي ڊي اي اڳواڻن سردار رحيم خان سرور سيال مظھر راهوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختلف شھرن کان ٿيندو ٺٽي پهتو جتي مختلف سياسي مذھبي تنظيمن ايس يو پي پي ٽي آئي قومي عوامي تحريڪ جي يو آئي جماعت اسلامي جي ڊي اي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري قافلي جو استقبال ڪيو

ٺٽي جي مين رڪشا چوڪ تي جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو ته هڪ منظم سازش تحت سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي بنجر بڻائي سنڌ واسين جو معاشي قتلام ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌو دريا تي تڪراري منصوبا ڪئنال بئراج ۽ ڊيم قبول نه آھن انهن خلاف سنڌ جو عوام باشعور ٿي چڪو آھي ۽ مزاحمتي تحريڪ جو آغاز ٿي چڪو آھي جنهن کي هاڻي حڪمران روڪي نه سگهندا ۽ تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪيو ويندو.

ٺٽي ۾ احتجاجي جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو دريا سنڌ جي ماڻھن جو جياپو آھي خبر نٿي پوي ته پيپلزپارٽي جو ڇيئرمين توڙي ملڪ جو صدر ۽ وزير اعظم سنڌ خلاف اهڙي منظم منصوبي تي ڇو عمل پيرا آھن هن وڌيڪ چيو ته سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي هڪ منظم سازش تحت چولستان جهڙي ڀڙڀانگ علائقي کي آباد ڪري سنڌ کي مڪمل طور تي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته هاڻي سنڌ جو عوام باشعور ٿي چڪو آھي ۽ اهڙين سازشن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو

اياز لطيف پليجي واضع ڪندي چيو ته ٻوڏون اچن تڏھن به سنڌ کي ٻوڙايو وڃي ٿو ۽ پاڻي جي کوٽ جي صورتحال پيدا ڪري وري هٿراڌو ڪئنال ٺاهي سنڌ کي بنجر بڻائي سنڌي ماڻھن جو مستقبل برباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي جيڪي سازشون هاڻي ڪنهن به صورت ۾ نه هلنديون

هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صدر آصف زرداري ۽ وزير اعظم شھباز شريف مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي توهان پنهنجي سازشن ذريعي سنڌ خلاف گهڻو ڪجه ڪري چڪا آھيو هاڻي باز اچو ٻئي صورت ۾ سنڌ هاڻي اوهانکي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي ان موقعي تي بيداري مارچ جي جلسي کي جي ڊي اي اڳواڻن صفدر عباسي سردار رحيم خان مسرور سيال سيد خدا ڏنو شاھ امير آزاد پنهور امجد شاھ شاهنواز بروهي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو بيداري مارچ سڀاڻي ٻيهر ٺٽي کان سجاول ۽ بعد ۾ بدين پهچندو ۽ سڀاڻي شام جو بدين ۾ پڻ جلسو ڪيو ويندو